”هاڻي وقت ناهي بچيو، غزا جي معصوم ٻارن کي بچايو“ميڊونا جي پوپ کي اپيل

Spread the love

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور آمريڪي گلوڪارا ميڊونا، پوپ آف ويٽيڪن پوپ ليو کي غزا جو دورو ڪرڻ ۽ جنگ سبب متاثر ٻارن لاءِ امدادي رستا کولرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري هڪ جذباتي پيغام ۾ هن لکيو ته ”توهان اسان جي وچ ۾ اهڙي اڪيلي شخصيت آهيو، جنهن کي ڪير به غزا وڃڻ کان نه ٿو روڪي سگهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”اسان کي هاڻي مڪمل طور تي انساني امداد جا در کولرائڻا پوندا ته جيئن غزا جي معصوم ٻارن کي بچائي سگهجي، هاڻي اسان وٽ وقت ناهي بچيو.“
آمريڪي گلوڪارا اهو به اعلان ڪيو ته هوءَ پنهنجي پٽ روڪو رچي جي پنجويهين سالگرهه جي موقعي تي غزا ۾ ڪم ڪندڙ امدادي تنظيمن کي عطيو ڏيندي.
ميڊونا جو چوڻ هو ته ”هڪ ماءُ طور مون لاءِ اهو سڀ کان خوبصورت تحفو هوندو، جو سموري دنيا جي ماڻهن کي اپيل ڪيان ته هو غزا جي ٻارن جي مدد لاءِ پنهنجي وس آهر ڪردار ادا ڪن.“
ميڊونا جي پيغام تي عالمي صحت واري اداري (ڊبليو ايڇ او) جي ڊائريڪٽر سندس ٿورا مڃيا ۽ چيو ته انسانيت ۽ امن جي ڳالهه ڪرڻ اڄ جي دور ۾ انتهائي ضروري آهي، ”ميڊونا، توهان جي همدردي ۽ متاثر ٻارن سان ايڪي جو اظاهر وڏي اهميت رکي ٿو.“
ميڊونا جي اپيل تي پوپ ليو جو اڃا تائين ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو، پر هو اڳ ۾ ڪيترائي ڀيرا اپيل ڪري چڪو آهي ته غزا ۾ انساني حقن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ طاقت جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي.

آگسٽ 13, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو