ٺٽي ۾ ماڊل اسڪولن جو افتتاح، تعليم کي اوليت ڏيڻ جو عزم – صادق علي ميمڻ

ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي) پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ايم اين اي صادق علي ميمڻ چيو اھي تہ تعليم ھر فرد لاء لازمي، تعليم کانسواء انسان اڌورو آھي، والدين کي گھرجي تہ پنھنجي پٽن سان گڏ نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارين، جيئن اسانجو معاشرو ترقي ڪري سگھي. ھن اھي ڳالھيون ٺٽي جي گرلس پرائمري اسڪول پير محمد شاهه ايٽ پنھون شودو ۽ گرلس پرائمري اسڪول ڳوٺ چارڻ ميمڻ ۾ اين جي اوز جي تعاون سان منطور ٿيل ماڊل اسڪولن جو افتتاح ڪرڻ بعد منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو،
پ پ پ ضلعي ٺٽي ھي صدر ايم اين اي صادق علي ميمڻ وڌيڪ چيو تہ پ پ پ جي سنڌ حڪومت تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيئي رھي اھي، جنھن ھن واري وڌ کان وڌ استاد ڀرتي ڪري بند پيل ڪافي اسڪول کولرائي تدريسي عمل جاري ڪرائي ڇڏيو آھي، جيئن تعليم جو معيار کي بھتر بنائي سگھجي. ھن چيو تہ گرلس پرائمري اسڪول پير محمد شاھ ايٽ پنھون شودو ۽ گرلس پرائمري اسڪول چارڻ ميمڻ ۾ اين جي اوز جي سھڪار سان ماڊل اسڪول منظور ڪيا ويا آھن جن جو اسان پاڻ افتتاح ڪيو آھي،
جيڪو سٺو قدم آھي، ھتي پڻ تعليم جو معيار بھتر ٿيندو، ھن چيو تہ ھتان جي ٻارڙن کي معياري تعليم ڏياري کين صحتمند ماحول مھيا ڪيو ويندو، جيئڻ سندن مستقبل سنوارجي سگھي، تقريب ۾ ڊي اي او پرائمري ٺٽو نور سرائي، ممتاز علي ميمڻ، ممتاز علي ٻجورو، عبدالحمید سومرو، سردار حاجي منور ھيلايو، خالد جبلي ميمڻ، وڏيرو حيدر شورو سميت استادن، اين جي اوز جي نمائندن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.آخر ۾ پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ايم اين اي صادق علي ميمڻ پاران ٻوٽا پوکي وڻڪاري مھم جو پڻ آغاز ڪيو.
آگسٽ 12, 2025