سڪرنڊ ۾ اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر پاران جشن آزادي جو شاندار پروگرام، اسپيشل ٻارن جي شاندار ڪارڪردگي

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر پير ذاڪري پاران هر سال جيان هن سال به پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو شاندار نموني ملهايو ويو جنهن ۾ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي اسپيشل ٻارن جيڪي ظاهري طور سماعت ، نظر ۽ جسماني طور معزور هئا پر سندس جشن آزادي جي حوالي سان پيش ڪيل ٽيبلوز ،
قومي گيت ۽ حمد و نعت پيش ڪرڻ جو انداز ڪمال جو هو ان کان اڳ اسپيشل سينٽر جي پرنسپل غلام مجتبيٰ کوسو آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو جڏھن ته نظير احمد چانڊيو ايل مهمانن کي ترتيبوار اسٽيج تي گهرائي کائن ويچار ورتا تقريب ۾ مهمان خاص ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته آزادي نعمت آهي اسان پاڪستاني خوشنصيب آهيون جو اسان هڪ آزاد ملڪ ۾ رهون ٿا آزادي جو جيڪڏھن قدر پڇڻو هجي ته انهن قومن کان پڇون جيڪي آزدي کان محروم آهن هن وڌيڪ چيو
ته هنن اسپيشل ٻارن جو ٽيلينٽ ڏسي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي ته هنن ۾ الله سائين خدادا صلاحيتون رکيون آهن پروگرام دوران اسڪول جي نئين تعمير ٿيندڙ بلڊنگ ۾ پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو جتي سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري ان موقعي تي اسپيشل سينٽر جي استادن مس اقصيٰ جماڻي ، محمد سليم ڪيريو ، امام الدين ڪيريو ، عبدالستار مگسي ، احمد علي ڀٽي ، محمد علي ڏيٿو ، ممتاز علي چانڊيو ۽ مس نرگس جمالي سميت اسڪول جي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي
آگسٽ 12, 2025