دادو: ٻن نياڻين جي ماءُ مڙس ھوندي نڪاح مٿان نڪاح 3 نڪاح ڪري ورتا پھريون مڙس 8 سالا ڌيءُ سميت دادو پريس ڪلب پھچي ويو،

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ عيسيٰ خان ٿيٻو جو رهواسي رمضان چانڊيو پنهنجي معصوم نياڻي فرحانه چانڊيو سان گڏجي دادو پريس ڪلب پهچي ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته منهنجي زال فرزانه چانڊيو جي چال چلت خراب ھئي، ان جو مون سان نڪاح هجڻ باوجود 3 ٻيا به نڪاح مٿان نڪاح ڪيا آهن جيڪي شريعت جي خلاف آهن منهنجي زال فرزانه چانڊيو پھريان نديم جوڳرو سان گھران نڪري وئي، کيس ٻن نياڻين جي ماءُ جي ناتي گھر واپس آندو،
هاڻي وري منهنجي زال فرزانه چانڊيو کي پنهنجي پيءُ اسحاق چانڊيو ڳوٺ خانپور جي رهواسي گدا حسين چانڊيو کي ڏيڍ لک ۾ وڪرو ڪري ڏني آهي، فرزانہ ڏير سان کري پئي تہ ھن کيس گھران ڪڍي ڇڏيو هن وقت ھو ڏير قلندر بخش چانڊيو سان بغير نڪاح جي رکيل بڻيل آھي جنھن کان بہ منھنجي سھري پئسہ ورتا آھن ، هن چيو ته مون کي 2 نياڻين جو اولاد آهي ٻئي ٻاهر گهٽي ۾ کيڏي رهيو هيون تہ منهنجو سهرو اسحاق چانڊيو، قلندر بخش چانڊيو منهنجي 5 سالن جي نياڻي سنڌو چانديو کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن جيڪا منهنجي زال حوالي ڪئي وئي آهي،
هن ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منهنجي اغوا ڪيل نياڻي کي واپس ڪرائي مون سان ناانصافي ڪندڙن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي،
آگسٽ 12, 2025