دادو: گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج ۾ جشن آزادي تقريب، سيڪريٽري ڪالجز شعاب قمر انصاري ۽ ڊائريڪٽر ڪالجز ڪمال مصطفيٰ جا جذباتي خطاب

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور. جلال سولنگي) گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج ۾ جشن آزادي جي حوالي سان هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سيڪريٽري ڪالجز سنڌ شعاب قمر انصاري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪ فوج پاران پاڻ بزدل ۽ ناپاڪ دشمن ملڪ کي ضرب ڏيڻ ايمان جي جذبي جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ دور ٽيڪنالاجي جو آهي، تنهن ڪري نوجوان علم حاصل ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌن،

جيئن ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. ڊائريڪٽر ڪالجز حيدرآباد ڪمال مصطفيٰ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 7 مئي تي ڀارت پاران پاڪستان خلاف “آپريشن سندور” جي نالي سان ناڪام حملو ڪيو ويو، جنهن جو جواب پاڪستان “آپريشن بنيان مرصوص” جي صورت ۾ ڏنو ۽ دشمن ملڪ جو مواصلاتي نظام تباهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي دفاع لاءِ قوم ۽ فوج هميشه هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ هلي رهي آهي تقريب ۾ پرنسپال ڊگري ڪاليج استاد بخاري پروفيسر محمد عرفان ڪلهوڙو،

فئڪلٽي ميمبرن،صحافين شاگردن ۽ شهر جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ شاگردن قومي نغما، تقريرون ۽ شاعري پيش ڪري وطن سان محبت جو اظهار ڪيو آخر ۾ مهمان خصوصي شعاب قمر انصاري ۽ ڊائريڪٽر ڪالجز ڪمال مصطفيٰ پاران شاگردن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، جڏهن ته ڪاليج جي احاطي ۾ مختلف قسم جا ٻوٽا پڻ لڳايا ويا ته جيئن ماحولياتي خوبصورتي ۽ سائوڻ برقرار رهي.

آگسٽ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو