پي ٽي آءِ 14 آگسٽ تي احتجاج ڪندي يا نه؟ اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر اعظم سواتي 14 آگسٽ تي پارٽي طرفان احتجاج جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ سينيٽر اعظم سواتي چيو ته ”ڪنهن چيو آهي 14 آگسٽ تي احتجاج ٿيندو؟ جيڪڏهن ڪنهن چيو آهي ته اهو بلڪل غلط آهي.“
هن وضاحت ڪئي ته 14 آگسٽ قائداعظم جي فتح جو ڏينهن آهي، ان موقعي تي احتجاج نه ڪنداسين، آزادي جو ڏينهن جوش ۽ جذبي سان ملهائينداسين.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته جشن آزادي جي موقعي تي حقيقي آزادي جو جشن ملهائينداسين ۽ قائداعظم جي پاڪستان لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.