بلوچستان ۾ انٽرنيٽ بندش بابت صوبائي حڪومت جو موقف سامهون اچي ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ موبائيل فون انٽرنيٽ ڊيٽا سروس هڪ هفتي کان معطل آهي.
صوبي ۾ موبائيل فون انٽرنيٽ ڊيٽا سروس هڪ هفتي کان معطل هئڻ سبب واهپيدار سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ان حوالي سان صوبائي حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊيٽا انٽرنيٽ ذريعي دهشتگرد تنظيمن کي رابطي ۾ سهولت فراهم ٿيندي آهي.
ترجمان موجب، دهشتگردي جي واقعن کي نظر ۾ رکندي موبائيل فون انٽرنيٽ جي بندش جو فيصلو ڪيو ۽ صوبي ۾ انٽرنيٽ سروس آگسٽ دوران معطل رهندي.