عمران خان جو اڊيالا جيل ۾ طبي معائنو، صحت بابت تفصيل جاري

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو جيل ۾ طبي معائنو ڪيو ويو ، جنهن ۾ کيس مڪمل صحت قرار ڏنو ويو آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جو جيل ۾ طبي معائنو ڪيو ويو.
جيل ذريعن موجب، پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن جي ٽيم پي ٽي آءِ باني جو طبي معائنو ڪيو ۽ سندس ڪنن ۽ ڏندن جي به چڪاس ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ڪنن ۽ ڏندن جي صفائي پڻ ڪئي وئي ۽ ڊاڪٽرن کيس مڪمل صحتمند قرار ڏنو.
جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن پي ٽي آءِ باني کي ڪجهه ٽيسٽون به تجويز ڪيون، جڏهن ته عمران خان ڏندن جي وڌيڪ معائنيِ ڊاڪٽر عاصم کي سڏائڻ جي درخواست ڪئي.
جيل ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني جي طبي معائني جي رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي.

آگسٽ 12, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو