عرب ميڊيا لاءِ ريکا جي فوٽوشوٽ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي 69 ورهين جي اداڪارا ريکا جي نئين فوٽو شوٽ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
ريکا هڪ ميگزين جي شوٽنگ ان لباس ۾ ڪئي جنهن کي منيش ملهوترا ڊيزائن ڪيو.
ووگ عريبيه ميگزين کي ريکا انٽرويو به ڏنو.
انٽرويو دوران ريکا فلمن ۾ ڪم نه ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهايو.
سوال پڇيو ويو ته هو 2014 کانپوءِ ڪنهن پراجيڪٽ ۾ ڇو نظر ناهي آئي؟
ريکا جواب ڏنو ته کڻي هو فلم ڪري يا نه پر هي ڪم کيس ڪڏهن ڇڏي نٿو سگهي.
هن چيو ته مون وٽ پنهنجون يادون آهن جيڪي پياريون آهن.
ريکا چيو ته جڏهن صحيح وقت ۽ ڀلو پراجيڪٽ ملندو ته ضرور نظر اينديس،خوش قسمت انسان آهيان جو ماڻهو ڪم کي پسند ڪن ٿا ۽ ڪم پسند ڪرڻ جي مون کي به مڪمل ڇوٽ ۽ حق آهي.
انٽرويو دوران ريکا کان پڇيو ويو ته اوهان ڪنهن شئي سان وڌيڪ محبت ڪريو ٿا ته پوءِ ڇا محبت ختم ٿيندي آهي؟
ريکا جوب ڏنو ته نه، ه ڪ ڀيرو محبت ٿي وڃي ته هميشه لاءِ رهندي آهي.
جُولاءِ 5, 2023