نوَ مئي ڪيس: شاهه محمود آجو، ياسمين راشد، اعجاز چوڌري، عمر چيما کي ڏهه، ڏهه سال ٽِيپ

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي ٻن ڪيسن جو فيصلو ٻڌائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل ڪوٽ لکپت جيل ۾ 9 مئي جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي ۽ راحت بيڪري جي ٻاهران گاڏيون ساڙڻ ۽ شادمان ٿاڻي کي باهه ڏيڻ وارن ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو.
عدالت شاهه محمود قريشي کي ٻنهي ڪيسن مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما کي ٻنهي ڪيسن ۾ 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
ان کانسواءِ عدالت پي ٽي آءِ پنجاب جي چيف آرگنائيزر عاليه حمزه ۽ صنم جاويد کي شادمان ٿاڻي کي باهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ 5، 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي.
ياد رهي ته 22 جولاءِ تي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شيرپائو پل ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمود الرشيد، اعجاز چوڌري ۽ سرفراز چيما کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي، حمزه عظيم سميت 6 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو هو.

آگسٽ 11, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو