عورت جو مريم نواز سان محبت جو انوکو اظهار، سندس نالي جي پرفيوم لانچ ڪري ڇڏيائين

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي چاهيندڙ هڪ عورت ساڻس محبت جو انوکو اظهار ڪندي مريم نواز جي نالي سان پرفيوم لانچ ڪري ڇڏي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ عورت مداح مريم نواز لاءِ خاص پرفيوم متعارف ڪرائي آهي.
ان پرفيوم جو نالو ايم اين پنجاب دي ڌي“ رکيو ويو آهي، جڏهن ته ان جي خوبصورت دٻي تي مريم نواز جي تصوير به ڇاپي وئي آهي.
سوشل ميڊيا تي ان پرفيوم جا چرچا ٿي رهيا آهن ۽ مريم نواز پاڻ به پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اها پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ”مهرباني ڪري مون کي به ڏيو“.