فيلڊ مارشل عاصم منير جو آمريڪي دورو، اعليٰ سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون

فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا جي دوري دوران اعليٰ سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪيون.
پاڪ فوج جي تعلقات عامه واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب آمريڪا جي دوري دوران فيلڊ مارشل جي اعليٰ سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ٿيون، فيلڊ مارشل پاڪستاني ڄائي آمريڪي ڪميونٽي سان به ملاقاتون ڪيون.
جنرل عاصم منير ٽيمپا ۾ آمريڪي سينٽڪام جي ڪمانڊر جنرل مائيڪل ڪريلا جي رٽائرمينٽ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، فيلڊ مارشل ڪمانڊ جي تبديلي واري تقريب ۾ به شامل ٿيو، جتي ايڊمرل بريڊ ڪوپر ڪمانڊ سنڀالي.
فيلڊ مارشل عاصم منير جنرل ڪريلا جي شاندار خدمتن ۽ ٻن طرفي فوجي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ايڊمرل ڪوپر لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، آرمي چيف اعتماد جو اظهار ڪيو ته گڏيل تعاون سان گڏجي سيڪيورٽي چيلنجز جو مقابلو جاري رکيو ويندو.
فيلڊ مارشل چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل پيشوراڻي دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ٿيون، آرمي چيف جنرل ڪين کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل دوست ملڪن جي دفاعي سربراهن سان به ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته پاڪستاني ڪميونٽي سان هڪ انٽر ايڪٽو سيشن به ٿيو.
آرمي چيف پاڪستان جي روشن مستقبل لاءِ پُر اعتماد رهڻ، سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏني، جڏهن ته پاڪستاني ڪميونٽي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مڪمل تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو.
آگسٽ 10, 2025