سنڌ حڪومت پاران ٿر لاءِ 16 ارب روپين جي ترقياتي منصوبن جو اعلان

Spread the love

اسلام ڪوٽ(رپورٽ: احمدعلي سانگي)سنڌ حڪومت پاران ٿر لاءِ 16 ارب روپين جون ترقياتي اسڪيمون رکڻ جو اعلان،اھڙو اعلان توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ پاران اسلام ڪوٽ ۾ کلي ڪچھري کي خطاب ڪندي ڪيو،اسلام ڪوٽ جي ٿرلاج ۾ رکيل کلي ڪچھري دوران صوبائي وزير آڏو رھواسين پاران مفت بجلي نه ملڻ سميت مسئلن بابت شڪايتون ڪيون ويون،صوبائي ناصر حسين شاھ چيو ته ٿر لاءِ 16 ارب رپين جون ترقياتي اسڪيمون رکيون ويون آهن،ٿرڪول ڪمپنين کي پابند ڪيو ويو آهي ته گوڙانو ڊيم ۾ پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو وڃي،علائقن ۾ سولر سسٽم ذريعي بجلي فراهم ڪنداسين ۽ ھاڻي 800 بدران في گھر جي 100 يونٽ مفت ڏنا ويندا،انھي سلسلي ۾ توانائي،منصوبابندي ۽ ترقي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه طرفان ٿر بلاڪ ٽو جي ساراھ ڪندي ٿرڪول گئسيفڪيشن ذريعي ڀاڻ جا پلانٽ لڳائڻ جو اعلان پڻ ڪيو،سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ملڪ جي توانائي تحفظ ۽ جامع ترقي لاءِ کنيل قدمن تي ٿر بلاڪ ٽو جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته جلد ٿرڪول تي گئسيفڪيشن عمل شروع ڪري ڀاڻ جي پلانٽن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو،ٿرڪول بلاڪ ٽو تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناصر حسين شاھ چيو ته چند اھڙا مائيڊ سيٽ ماڻھو آھن جيڪي ھرڀرون ٿرڪول جي مخالفت ڪري رھيا آھي اھي ملڪي ترقي ڏسڻ نٿا چاھين،ٿرڪول جي غلطين کي پوائنٽ آئوٽ ڪيو ٿو وڃي پر پازيٽو ڪمن کي نه ٿو ڏٺو وڃي،اسان ٿر بدليگا پاڪستان جو نعري ھڻي اھو ڪري ڏيکاريو آھي ۽ نعري کي ڪاميابي ملي رھي آھي،بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين ڪافي سٺا ڪم ڪيا آھن،باقي ٿرڪول منصوبن تي آھي ماڻھو تنقيد ڪري رھيا آھن جيڪي پاڪستان جي ترقي نه ٿا چاھين،ھن چيو ته جيڪي ماڻھو سيمينارن سميت ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي ھاءِ گھوڙا پيا ڪن ته ٿرڪول منصوبن سبب نقصان پيو ٿئي اھو غلط ٿا ڳالھائين،اھي ماڻھو ھڪ مائينڊ سيٽ آھن جيڪي ملڪي ترقي ڏسڻ نه ٿا چاھين،مونکي حيرت تڏھن ٿي جڏھن انھن ماڻھن ٿر ۾ ڪرندڙ کنوڻ جي واقعن کي به ٿرڪول سان ڳنڍي پيش ڪيو پوءِ اسان جڏھن انھي تي تحقيق ڪرائي تہ خبر پئي کنوڻ ڪرڻ جو ٿرڪول منصوبن سان ڪو به تعلق ناھي،ٿر بلاڪ ٽو جي دوري دوران وزير توانائي سان گڏ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ڊاڪٽر مهينش ڪمار ملاڻي، ڊاڪٽر رمیش لال، وزيراعليٰ سنڌ جي ماحولياتي صلاحڪار دوست علي راهمون، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، ايم پي اي قاسم سومرو ۽ ٻيا موجود ھئا،وفد کي پاڪستان جي توانائي ميڪس ۾ ٿر ڪوئلي جي حڪمت عملي واري ڪردار ۽ ٿر بلاڪ ٽو جي ترقي ۾ حڪومت سنڌ جي تسلسل واري سهڪار بابت بريفنگ ڏني وئي،SECMC پاران فیز 3 جي مائن توسيع بابت به آگاهي ڏني وئي،بريفند دوران ٻڌايو ويو ته ڪوئلي جي پيداوار جي صلاحيت 76 لک ٽن کان وڌائي 1 ڪروڙ 14 لک ٽن سالياني ڪئي ويندي،جنهن سان روزانو 45 لک گھرن کي توانائي فراهم ڪري سگهجي ٿي،ٿر ۾ معاشي ۽ سماجي موقعن کي فروغ ڏيڻ لاءِ SECMC مقامي قابليت جي واڌ کي ترجيح ڏني آهي،جتي 94 سيڪڙو عملي سنڌ مان آهي،جنهن مان 60 سيڪڙو ٿر علائقي سان تعلق رکن ٿا،ان کان علاوه، 2000 کان وڌيڪ نوجوانن کي روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ صنعت سان لاڳاپيل فني تربيت ڏني وئي آهي،صوبائي وزير 70 ٽن وارن اليڪٽرڪ ٽرڪن لاءِ قائم ڪيل اي وي چارجنگ اسٽيشن جو پڻ افتتاح ڪيو،وزير ناصر شاهه اسلام ڪوٽ ۾ ٿر فائونڊيشن اسپتال جي ٻئي مرحلي جو پڻ افتتاح ڪيو، جتي ماءُ ۽ ٻار لاءِ 50 بسترن تي ٻڌل يونٽ زير تعمير آهي. هن وقت اسپتال مفت طبي مشوري، دوائون، ليبارٽري جون سهولتون، الٽراساؤنڊ ۽ ڊجيٽل ايڪس ري جهڙيون تشخيصي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. وزير، سنڌ حڪومت جي صحت قدمن تحت ٿيندڙ ڪينسر جي آگاهي سيشن ۾ پڻ شرڪت ڪئي، ۽ اسپتال جي او پي ڊي، موبائل يونٽس ۽ ماهر ڪلينڪ جو دورو ڪيو، جتي مريضن طرفان فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. کين آگاهي ڏني وئي ته ٿر فائونڊيشن پنهنجي قيام کان وٺي ست آپريشنل مرڪزن ذريعي 3 لک 70 هزار کان وڌيڪ مريضن کي مفت صحت جون سهولتون مهيا ڪيون آهن،وفد ٿر فائونڊيشن جي هلندڙ اسڪول جو به دورو ڪيو، جتي استادن ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ۽ کين نصاب ۽ ڊجيٽل لٽريسي پروگرام تي تفصيلي پريزنٽيشن ڏني وئي. صوبائي وزير سيد ناصر شاهه فيڊرل بورڊ جو ميٽرڪ امتحان A گريڊ سان پاس ڪندڙ شاگردن کي اسناد پڻ ڏنيون. تازو ئي ٿر فائونڊيشن ۽ “دي سيٽيزنس فائونڊيشن” (TCF) جي گڏيل تعاون سان هلندڙ سيڪنڊري اسڪولن 100٪ امتحاني نتيجا حاصل ڪيا، جيڪي فراهم ڪيل تعليم جي معيار جي عڪاسي ڪن ٿا،وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ٿر فائونڊيشن هن وقت 28 اسڪول يونٽ هلائي رهي آهي، جتي 5,000 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جن مان 35% شاگردياڻيون آهن،سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي سي اي او عامر اقبال چيو ته ٿر بلاڪ ٽو ۾ وزير توانائي ۽ سندن وفد جي ميزباني ڪرڻ اسان لاءِ اعزاز آهي، جتي کين اسان جي ڪميونٽي قدمن جي تبديلي آڻيندڙ اثرن سان گڏ محفوظ ۽ قابل اعتماد مائننگ آپريشنز جو به مشاهدو ٿيو. هڪ عالمي معيار جي پائيدار مائننگ ڪمپني طور، پاڪستان جي مستقبل کي سگھارو بنائڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون، ۽ ملڪ جي توانائي تحفظ ۽ جامع ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور حصو وٺندا رهنداسين.”جڏھن ته صوبائي وزير ٿرڪول بلاڪ ون جو به دورو ڪيو،

آگسٽ 9, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو