آزادي ڏهاڙي تي 4 موڪلون ملنديون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ آگسٽ مهيني دوران آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ ئي مهل چئن موڪلن جو امڪان.
ڪابينا ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب، پاڪستان ۾ 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏهاڙي تي عام موڪل هوندي.
15 آگسٽ جمعي تي ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو ٿيندو، جنهن جي موڪل وفاقي موڪلن ۾ شامل نه آهي، پر صوبائي سطح تي مقامي موڪل جي صورت ۾ مخصوص علائقن ۾ موڪل هوندي.
مخصوص علائقن ۾ چاليهي جي موڪل جي صورت ۾ 14 آگسٽ خميس، 15 آگسٽ جمعو، 16 آگسٽ ڇنڇر ۽ 17 آگسٽ آچر تي موڪلون گڏجي سگهن ٿيون.
گذريل سال به راولپنڊي ۽ ڪراچي ۾ چهلم جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو هو.