ايم ڊي ڪيٽ 2025 جو اعلان، ڪهڙيون يونيورسٽيون ٽيسٽ وٺنديون ۽ رجسٽريشن فيس ڪيتري هوندي ؟ تفصيل جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ايم ڊي ڪيٽ 2025 جي امتحان جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ايم ڊي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ايم ڊي ڪيٽ 2025 جو امتحان 5 آڪٽوبر تي صبح 10 وڳي ٿيندو.
پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جو چوڻ آهي ته پنجاب جي اميدوارن جي ٽيسٽ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور وٺندي، جڏهن ته سنڌ جي اميدوارن جو ايم ڊي ڪيٽ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر وٺندي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خيبر پختونخوا ۾ خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي اميدوارن جو امتحان وٺندي، جڏهن ته بلوچستان جي اميدوارن جي ٽيسٽ ڪوئيٽا يونيورسٽي طرفان ورتي ويندي.
وفاق، آزاد ڪشمير جي اميدوارن جي ٽيسٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد وٺندي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ رياض جي اميدوارن جي ٽيسٽ پڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد طرفان ورتي ويندي.
پي ايم ڊي سي موجب، ايم ڊي ڪيٽ 2025 لاءِ رجسٽريشن 8 آگسٽ کان شروع ٿيندي، جيڪا 25 آگسٽ 2025 تائين ڪرائي سگهبي، جڏهن ته ليٽ فِي سان رجسٽريشن جي آخري تاريخ پهرين سيپٽمبر آهي.
پاڪستان ۾ ٽيسٽ لاءِ فيس 9000 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ليٽ فِي سان پاڪستان ۾ رجسٽريشن 13000 رپيا ٿيندي.