صدر طرفان مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي سيڪيورٽي فورسز تي حملي جي مذمت

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ضلعي مستونگ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن طرفان سيڪيورٽي فورسز تي ٿيل حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.
صدر حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر محمد رضوان طاهر، نائيڪ ابن امين ۽ لانس نائيڪ محمد يونس کي ڀيٽا پيش ڪئي، سندن مغفرت بلند درجن لاءِ دعا ڪئي ۽ وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.
صدر چيو ته قوم پنهنجن بهادر شهيدن جي عظيم قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي.
صدر جو چوڻ هو ته جوابي حملي ۾ دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سموري قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارت جي سرپرستي هيٺ سرگرم دهشتگرد عنصرن جو جلد خاتمو ڪيو ويندو.

آگسٽ 7, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو