مٺي: پ پ ترجمان پاران تڪراري پينا فليڪس معاملي تي ڪارڪنن کي پرامن رهڻ ۽ اتحاد جي هدايت
مٺي (ڊ-ر) پ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي ترجمان ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پ پ پ جي ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ۽ ايم پي اي ارباب لطف الله جي حامين, پيپلز پارٽي جي ورڪرن پاران مٺي ۾ گڍي ڀٽ سميت مختلف هنڌن تي پينافليڪس لڳائڻ واري تڪرارن کي ختم ڪري پرامن رهڻ جي هدايت ڪئي آهي, هن چيو ته ڊاڪٽر مهيش ملاڻي ۽ ارباب لطف الله ٻئي پ پ پ جا چونڊيل نمائندا آهن.
ٻنهي جي حامين کي تڪراري جاين تي پينافليڪس لڳائڻ ۽ هڪٻئي جي تصويرن مٿان پينافليڪس لڳائڻ ۽ هڪٻئي جا پينا فليڪس لاهڻ واري عمل کان هر صورت ۾ پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٿر ۾ پ پ مخالف ڌريون پ پ پ جو سياسي مقابلو ڪرڻ بجاء پ پ پ کي ڪمزور ڪرڻ لاء سازشون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي سمورن چونڊيل نمائندن, اڳواڻڻ,
عهديدران ۽ ورڪرن کي پارٽي پليٽ فارم تي متحد ۽ منظم ٿي ٿر ۾ پيپلز پارٽي کي وڌيڪ سگهارو ۽ مضبوط ڪري ۽ پيپلز پارٽي خلاف ٿيندڙ سمورن سازشن کي ناڪام بنائڻ گهرجي.
آگسٽ 6, 2025