سيوهڻ ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ پي ٽي آءِ جي احتجاجي ريلي، ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو

Spread the love

سيوھڻ( رپورٽ :محمد صفر ايم سيوھاڻي ) پي ٽي آء چيئرمين عمران خان کي 05 آگسٽ جي  ڏينهن تي 2 سال اڳ بيگناھ ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل ۾ وڌو ويو آھي، پي ٽي آء جو سربراھ ڪنھن جي آڏو جهڪڻ جھڙو ناھي، ان بيگناھ جيل ڪاٽڻ خلاف سيوھڻ شھر جي جھاز چونڪ تي پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي ڄامشورو جي صدر سردار فاروق احمد سولنگي، تعلقي صدر اياز علي عمراڻي،

ضلعي سينئر نائب صدر محمد يوسف کوسو، سينئر نائب صدر عبدالڪريم عرف جهنڊو سولنگي جنرل عابد سولنگي ۽  سٽي سيوھڻ صدر علي داد پرارو جي اڳواڻي ۾ عمران خان جي رهائي لاء ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ھن  ريلي ۾  سيوھڻ شھر جي  ماڻھن ۽ شھرين ۽ پي ٽي آء پارٽي جي ڪارڪنن  وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ھن ريلي کي پي ٽي آء ضلع ڄامشورو جي صدر سردار فاروق احمد سولنگي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي پارٽي جو سربراھ تي حڪومت پاڪستان طرفان ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ان کي جيل ۾ بند ڪيو ويو اھي،

جيڪو پي ٽي آء  پاڪستان جي ڪارڪنن سان ظلم آھي، ھنن مطالبو ڪيو آھي تہ پي ٽي آء جي سربراھ کي فورن آزاد ڪيو وڃي، اسان جي سربراھ تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس کي آزاد ڪيو وڃي.

آگسٽ 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو