سڪرنڊ ۾ شيعه علماءَ ڪائونسل پاران زائرين جو باءِ روڊ سفر بند ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ )سڪرنڊ شيعه علماء ڪائونسل يونٽ سڪرنڊ پاران قائد  ملت جعفريه سيد ساجد علي نقوي جي هدايتن تي وفاقي حڪومت پاران زائرين ڪربلا جو باءِ روڊ سفر بند ڪرڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي جيڪا حيدري مسجد کان شروع ٿي محرابپور روڊ کان ٿيندي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي  پهتي جتي سيد سبحان علي شاھ ، خادم حسين پرهياڙ ،

 مولانا دلدار حسين ۽ فرمان علي شاھ ، زاهد کوکر ۽ اعجاز حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زائرين جو زميني سفر بند ڪرڻ سان غريب عوام جو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي اسين پنهنجي قائدين سان گڏ آهيون ان ڪري حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته زائرين جو زميني رستو کوليو وڃي،ان موقعي حڪم ڪيريو، شاهد ملاح، محمد بچل ڪيريو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا،

آگسٽ 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو