سيوهڻ ۾ زائرين جي زميني سفر تي پابندي خلاف شيعه علماء ڪائونسل جي احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) وفاقي حڪومت پاڪستان طرفان زائرين امام حسين عليه السلام جي زميني سفر تي ناجائز پابندين خلاف شيعا علماء ڪائونسل پاڪستان سٽي سيوھڻ پاران درگاهه حضرت لعل شھباز قلندر رحمت الله عليه کان ڌمال چونڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو،
تفصيل موجب وفاقي حڪومت پاڪستان طرفان روڊ رستي ويندڙ زائرين جي پابندي ھڻڻ خلاف قائد ملت جعفريـ پاڪستان آيت الله سيد ساجد علي نقوي جي حڪم تي شيعه علماء ڪائونسل پاڪستان سٽي سيوھڻ پاران زائرين امام حسين عليه السلام جي زميني سفر تي ناجائز پابندين خلاف درگاھ حضرت لعل شھباز قلندر رحمت الله عليه کان ڌمال چونڪ سيوھڻ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو،
ان موقعي تي مظاھرو ڪندڙ اڳواڻن سيد عنايت علي شاه خادم حسين رونجھو، ظفر علي شيخ، احسان رند، اعجاز علي انڙ ، آصف علي انصاري ، پرويز علي سومرو، زاھد حسين ڏاھري ۽ مولانا غلام شبير حيدري سخت نعري بازي ڪندي چيو تـ زائرين جيڪي روڊ رستي پاڪستان کان اربعين امام حسين عليه السلام جي روزي مبارڪ جي زيارت ڪرڻ ويندا آھن انھن روڊ رستي ويندڙ زائرين لاء جيڪا بندش ڪئي ويئي آھي،
ان جي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا، ۽ وفاقي حڪومت پاڪستان پاران ايران جي جيڪا بارڊر بند ڪري ناجائزي ڪئي آهي، اھا بند ڪيل ايراني بارڊر فلفور کولي وڃي، پاڪستان مان هزارين عزادار امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪرڻ لاءِ مومنين ان بارڊر تان ويندا آهن،
وفاقي حڪومت ايراني بارڊر بند ڪري مومنين جي زيارت بند ڪرڻ چاهين ٿا جيڪا ھڪ سازش آھي، اسان کي اھا سازش ڪڏهن بہ قبول نه آھي، مظاھرين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ فلفور زائرين لاء روڊ رستي واري ايراني بارڊر کولي زائرين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
آگسٽ 6, 2025