ملڪ رياض پاڪستاني معيشت ٺپ ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي؟

اسلام آباد/لاهور (ويب ديڪس) ملڪ رياض هڪ ٽوئيٽ ۾ چتاءُ ڏنو آهي ته مان اڃا هڪ قدم پوئتي آهيان. ملڪ رياض جو ٽوئيٽ هڪ ڌمڪي آهي، هو چاهي ٿو ته مون سان ڊيل ڪريو نه ته پاڪستان جي معيشت ڏچي ۾ پئجي ويندي جيڪو ادارن کي سمجهه ۾ نٿو اچي. ادارن مان مراد، فيلڊ مارشل، صدر، وزيراعظم آهن. ملڪ رياض ٽوئيٽ ۾ چوي ٿو ته اسان جا آپريشن معطل ٿي چڪا آهن، بحريه ٽائون بند ٿي چڪو آهي، اسان جي اربين رپين جي سيڙپڪاري رڪيل آهي، 50
هزار ملازمن کي پگهارون نٿا ڏئي سگهون، ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هي ڪيفيت اسان جي پياري وطن جي معيشت لاءِ به ڪنهن سخت بحران کان گهٽ ناهي، ڪراچي کان لاهور ۽ اسلام آباد تائين بحريه ٽائون ۾ لکين پاڪستانين جي کربين رپين جي سيڙپڪاري منجمد ٿي چڪي آهي. اربين رپين جا ڪمرشل منصوبا پورا ٿيڻ کان اڳ ڍير ٿي چڪا آهن، اڄ به يقين آهي ته اڳتي هلي پاڪستان جا ادارا انصاف، عقل ۽ تدبر کان ڪم وٺندا ۽ اسان کي هن ڏکئي موڙ مان ٻاهر نڪرڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندا، مان تيار آهيان.
يعنيٰ هو آڇ ڪري رهيو آهي ۽ اهو چئي رهيو آهي ته سڀ ڪجهه ٺپ ڪرڻ کان اڳ مان هڪ قدم پوئتي آهيان. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سندس آڇ قبول ڪئي ويندي؟ ملڪ رياض جي سسٽم خلاف وڏي ڪارروائي جي ضرورت آهي پر ائين نٿو لڳي ته سگهي ائين ٿي سگهي ٿو، اهو ڏکيو آهي. بحريه ٽائون ۾ ايترا پلاٽ ناهن، جيترا فائلن ۾ پيسا ڦاٿل آهن. ماڻهو جڏهن فائل کڻي پڇندا ته پيسا ڪٿي آهن ته اهو حڪومت تي پريشر ايندو.
ملڪ رياض ته وڏي پئماني تي سڀ ڪجهه کڻي وڃي چڪو آهي، هڪ هزار ارب رپين جي مني لانڊرنگ ٿي چڪي آهي. جڏهن حالتون ٺيڪ ٿينديون اچي ويندو.
آگسٽ 6, 2025