ڀارت کي سمجهڻ گهرجي ته اهي به هر هنڌ مارجي سگهن ٿا: ڊي جي آءِ ايس پي آر

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر بڻجڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي رسالي کي انٽرويو ڏيندي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي صدر بڻجڻ جون خبرون بي بنياد آهن.
انٽرويو دوران کانئس سوال ڪيو ويو ته پاڪستان ڀارتي فوجي ڪارروائي تي ڪهڙو ردعمل ظاهر ڪندو؟ جنهن تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان هن ڀيري ڀارت جي اوڀر کان شروعات ڪنداسين، اها شروعات ڀارت جي اندر گهرائي سان حملو ڪرڻ سان ٿيندي.
هن چيو ڀارت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته اهي به هر هنڌ مارجي سگهن ٿا.

آگسٽ 6, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو