ملڪ ۾ ملڪ رياض جهڙن ماڻهن کي طاقت وٺرائيندڙ نظام ورهين کان موجود

اسلام آباد (ويب ديڪس) ملڪ رياض جي ملڪيتن کي نيب نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ملڪ رياض عدالت سان رابطو ڪيو، عدالت چيو ته نيلامي جاري رکي وڃي. يعنيٰ رياست جڏهن ڪنهن طاقتور جيخلاف زور لڳائي ته رياست کٽي ويندي آهي، اهو طاقتور شخص يا جٿو ناهي کٽي سگهندو. معاملو اهو ناهي ته ملڪ رياض جون جيڪي ملڪيتون هتي بچيون آهن انهن کي نيلام ڪيو پيو وڃي،
معاملو اهو آهي ته رياست ڪيئن ملڪ رياض کي ائين ڪرڻو ڏنو ته هو ڊگهو وقت سموري نظام کي يرغمال بڻائي رکي ۽ ايترا اثاثا ٺاهي جيترا قومي ناڻي کان به 50 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ملڪ کي جن ناڻي جي ذخيرن تي اعتماد هوندو آهي ته اسان جي معيشت هيتري آهي، ملڪ رياض جي مال جو ڪاٿو لڳائجي ته اهو 50 سيڪڙو وڌيڪ هوندو. پاڪستان جي معيشت ۾ مال ٺاهڻ جي ايتري سگهه آهي ته رياست پاڻ ان کي فائدي لاءِ استعمال ڇو نٿي ڪري؟ هڪ ڏهائي 2 بلين لاءِ اوهان کي آءِ ايم ايف ڇو وڃڻو پوي ٿو جڏهن ته هتي 32 ڏهائي 2 بلين وارا ماڻهو موجود آهن.
انهن ماڻهن پاڪستان مان ئي مال ٺاهيو آهي. پوءِ اوهان چئو ٿا ته ان وٽ خدائي ڏات هئي، خدائي ڏات گهڻن ماڻهن وٽ هوندي آهي. پوءِ وڏا وڏا ادارا چوندا آهن ته ملڪ رياض کي عدالتن مان ڇوٽ نه ملندي. ان سان ملڪ رياض تي ڪو فرق نه پوندو. ميڊيا، سروسز، بيوروڪريسي، اسٽيبلشمينٽ سميت ٻيا ماڻهو ملڪ رياض کان پيسا وٺندا رهيا آهن. ملڪ رياض چوندو هو ته مان ماڻهو جي رٽائر ٿيڻ کان اڳ ڏسندو هيس ته ڪنهن کي ڪٿي مقرر ڪرڻو آهي. ايتري طاقت کيس رياست ڏني هئي.
اسان هاڻي سندس بچيل ملڪيتن کي نيلام ڪري ڪاوڙ ڪڍي رهيا آهيون پر ملڪ رياض ته رڳو هڪ مثال آهي، اوهان کي ته ان نظام تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪو اهڙي واردات کي ٿيڻ ڏئي ٿو. هر سال اهڙي واردات ٿيندي آهي ۽ ڏهاڪن کان ٿيندي رهي ٿي ۽ اهڙو نظام ان مان فائدو کڻي ٿو. ملڪ رياض چوندو هو ته صوبائي اسيمبليون منهنجي کيسي ۾ آهن، بي اعتمادي رٿ لاءِ مون سان رابطو ڪريو، اها طاقت وٽس ڪٿان آئي هئي؟ اها طاقت ملڪ رياض جي نه پر ان نظام جي آهي جنهن کيس طاقت ڏني.
ملڪ رياض جو احتساب ظاهر ڪيو پيو وڃي پر ٻئي پاسي سمورو پيسو ٻاهر وڃي چڪو آهي، سندس ڪٽنب ٻاهر موجود آهي، هو وچ اوڀر ۾ پنهنجا منصوبا آڻي رهيو آهي. ترڪي ۾ سندس موجودگي آهي. هن پنهنجي بهترين زندگي گذاري ورتي آهي. هاڻي اوهان ملڪيت نيلام ڪري ظاهري طور ڏيکاري رهيا آهيو ته اوهان وڏو ڪم ڪيو آهي پر اوهان کي ان ۾ ڪا جان نظر نٿي اچي.
نظام کي جيڪا سهولت ڏيڻي هئي اها ڏئي چڪو ۽ فائدو وٺي چڪو آهي. ان سان لکين ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن ۽ هزارين طاقتور اهڙا آهن جيڪي فائدا وٺي ويهي رهيا آهن. اهڙا ماڻهو اڄ به خاموشي سان ڪن بند ڪيون ويٺا آهن. ملڪ رياض جي ملڪيتن جي نيلامي سان سندس اها موجودگي ختم نٿي ٿئي.
آگسٽ 6, 2025