سڪرنڊ ۾ اوڏ برادري جو اجلاس، برداري جي مسئلن جي حل لاءِ اتحاد مضبوط ڪرڻ جو عزم

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) عوامي اوڏ اتحاذ جي  چيئرمين شيرل فقير اوڏ جي اڳواڻي ۾ اوڏ برادري جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ بالم راء اوڏ ، امتياز اوڏ ، راڻو مل  اوڏ ، نديم اوڏ ، سڪندر اوڏ ، پپو اوڏ ، نواب اوڏ ، جمن اوڏ ۽ راج ڪماراوڏ ، سميت اوڏ برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي عوامي اوڏ اتحاد جي چيئرمين شيرل فقير اوڏ خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي

اوڏ برادري کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي برداري اندر اختلاف ختم ڪرائي  برادري جا مئسلا حل ڪرائي سگهون اهو تڏهن مڪمن ٿيندو جڏهن اسان ۾ ٻڌي ۽ ايڪو هوندو  ،مرڪزي وائيس چيئرمين امتياز اوڏ چيو ته اسان جي برادري ۾ شعور آهي ۽ اسان جو نوجوان پڙهيل لکيل آهي پر اسان کي نوڪرين جي ڪوٽا نٿي ملي سنڌ اندر ترقياتي اسڪيمن ۾ اسان جي برادري کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي

اسان جي ڪوشش آهي ته عوامي اوڏ اتحاد جي پليٽ فارم تان  برادري کي حق وٺي ڏيون . صوبائي صدر بالم اوڏ خطاب ڪندي چيو ته هي اتحاد غير سياسي آهي هن اتحاد جو مقصد برادري ۾ شعور آڻن آهي  اسان اوڏ برادري جي نياڻين ۽ نوجوانن کي تعليم ڏياريون ۽ انهن  جا مئسلا حل ڪريون  سنڌ اندر اقليتي برادري جا مقام نه هجڻ ڪري دفنائڻ جو مسئلو ٿي رهيو آهي

ان ڪري حڪومت اسان کي زمين ڏئي ته جئين اقيلتي برادري مان بي چيني ختم ٿئي اجلاس ۾ برادري جي نيڪ مردن پپو اوڏ . گلشير اوڏ . هشمت اوڏ ۽ ٻين عوامي اوڏ اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي تي جشن آزادي جو ڏهاڙو ڀرپور نموني مهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آخر ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي ته نوڪرين تي پنج سيڪڙو ڪوٽا تي عمل ڪرايو وڃي ۽ اقيلتي برادري کي پوري سنڌ اندر مقام ڏنا وڃن اوڏ برادري سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪيو وڃي

آگسٽ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو