سانگهڙ ۾ يومِ استحصال ڪشمير عقيدت ۽ قومي جذبي سان ملهايو ويو، ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ملڪ جي ٻين علائقن وانگر ضلعو سانگهڙ ۾ به اڄ يومِ استحصال ڪشمير وڏي عقيدت، قومي جذبي ۽ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار طور ملهايو ويو، ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي ريلي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد جي اڳواڻي ۾ ميونسپل آفيس سانگهڙ کان پريس ڪلب چوڪ تائين ڪڍي وئي۔ ريلي جي شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ بينرز،

پلي ڪارڊ ۽ پينا فليڪس هئا جن تي ڪشميري عوام جي حق ۾ نعرا لکيل هئا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائو  تي عملدرآمد سان ئي ممڪن آهي، تنهنڪري گڏيل قومن کي گهرجي ته ڪشميري عوام کي ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ بي رحمي مان نجات ڏياري، جيئن هو آزاد ۽ خودمختيار زندگي گذاري سگهن۔

ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج هر قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، جنهن جي مثال گذريل معرڪو آهي جتي پاڪ فوج جي جوانن ڀارتي فوج کي شڪست ڏني هئي۔ واضح رهي  ڀارتي حڪومت طرفان 5 آگسٽ 2019 تي والاريل جمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ واري غير قانوني قدم جي خلاف آواز اٿارڻ ۽ ڪشميري ڀائرن سان مڪمل يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملهائبو آهي،

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ شفيق احمد آريسر، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ راشد اسلام مغل، ضلعي ايجوڪيشن آفيسر غلام مصطفى لغاري، سينيئر صحافي ۽ پاڪستان فيڊريشن يونين آف جرنلسٽ جي ضلعي صدر امير بخش ڀڙڍي، اسڪولن جا شاگرد ۽ استادن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

آگسٽ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو