ڳوٺ ڪورمتل ۾ اسڪول جي عمارت جي اڻهوند، ٻار اوطاق تي تعليم پرائڻ تي مجبور
وڳڻ( رپورٽ:عاجز چانڊيو ) ڳوٺ ڪورمتل ۾ اسڪول جي عمارت نه هجڻ سبب تعليم متاثر، ٻار اوطاق تي تعليم پرائڻ تي مجبور ضلعو قمبر، يوسي گھٽھڙ – ڳوٺ ڪورمتل ۾ سرڪاري پرائمري اسڪول جي عمارت سالن کان غير موجود هجڻ سبب معصوم ٻار اوطاق تي پٽ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم رهندڙ ٻار نه رڳو تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، پر سندن تعليمي معيار پڻ سخت متاثر ٿي رهيو آهي، اسڪول ۾ مقرر استاد بشير احمد مغيري جو چوڻ آهي
ته ڪيترن ئي سالن کان حڪومت کي درخواستون ڏيڻ باوجود اڃا تائين اسڪول جي عمارت نٿي ٺهي سگهي. هن چيو ته اوطاق تي پڙهائڻ سان ٻارن جي تعليم تي خراب اثر پئجي رهيو آهي، خاص طور تي موسم جي خراب حالتن ۾ سندن پڙهائي مڪمل طور تي متاثر ٿيندي آهي، استاد بشير احمد مغيري حڪومت سنڌ ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوراً اسڪول جي بلڊنگ ٺهرائي ڏني وڃي،
ته جيئن ٻار مناسب تعليمي ماحول ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن، هن چيو ته تعليم سان ئي علائقي مان جهالت ختم ڪري سگهجي ٿي، ۽ جيڪڏهن تعليمي بنيادون ئي مضبوط نه هونديون ته معاشرو اڳتي نٿو وڌي سگهي، ڳوٺاڻن پڻ حڪومت کان اپيل ڪئي آهي ته سندن معصوم ٻارن جي مستقبل کي نظر ۾ رکندي، ترت اسڪول جي بلڊنگ جو ڪم شروع ڪيو وڃي،
آگسٽ 5, 2025