نواب شاهه ۾ زائرين تي پابندي خلاف شيعا علماءَ ڪائونسل جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻن جي چتاءُ

Spread the love

نواب شاه ( رپورٽ: عبدالفتاح رند) قائد ملت جعفریه علامہ سید ساجد علي نقوي جي ھدایت تي شيعا علماء ڪائونسل پاڪستان يونٽ سٺ ميل پاران زائرين کی ايران ۽ عراق ڏانهن زميني رستن ذريعي وڃڻ تي لڳايل پابندي خلاف صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد حسين چانڊيو، مولانا تاج علي انقلابي، مولانا عطا حسين چانڊيو، مولانا اسماعيل رند، طاهر مطهري، آصف حسين الحسيني،

گل حسين چانڊيو، شهنواز چانڊيو، علي بخش لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ امام زمانه امام بارگاهه کان 60 ميل مين چوڪ تائين ڪيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاقي گهرو وزير پاران سيڪيورٽي جو جواز ڄاڻائي زائرين کي مقدس زيارتن کان روڪڻ جي سخت مذمت ڪيون ٿا، هنن چيو ته حڪومت جي نااهلي آهي جو پنهنجي شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. اهو فيصلو شيعا،

سني ۽ سموري امت مسلمه جي خلاف سازش آهي. اسان جو مقدس هنڌن تي وڃڻ قانوني حق آهي، جيڪو اسان کان کسيو پيو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان قائد ملت جعفريه علامه سيد ساجد علي نقوي جي حڪم جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جيڪو به حڪم ٿيندو، اسان ان تي لبيڪ چونداسين، ھنن چيو ته جيڪڏھن حڪومت پنھنجو فيصلو واپس نه ورتو ته اسان امام حسين عليه السلام جي چھلم تي ڌرڻا هڻنداسين.

آگسٽ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو