اين ايف سي ۽ ارڙهين ترميم ۾ تبديلي لاءِ 27 هين ترميم جون تياريون

اسلام آباد (ويب ديڪس) حڪومت پاران ارڙهين آئيني ترميم ۾ تبديلي آڻي صوبن کي ڏنل اختيار واپس وٺڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ حڪومت قومي اسيمبلي اجلاسدوران پيپلز پارٽي سميت اتحادي ۽ مخالف ڌر جي پارٽين سان ڳالهه ٻول ڪندي. ذريعن موجب حڪومت پ پ ۽ ٻين جماعتن سان مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي، پ پ جي رضامندي جي صورت ۾ ٻين جماعتن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اتفاق راءِ جي صورت ۾ حڪومت آئيني ترميم آڻيندي. حڪومت موجب 18هين ترميم ۾ ڪيترائي معاملا صوبن کي ڏنا ويا پر انهن تي مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو، وزارت جا قاعدا ۽ ضابطا ٻيهر طئي ٿي سگهن ٿا. ڪيترين ئي وزارتن ۾ قاعدا ۽ ضابطا جڙي نه سگهيا آهن. ستاويهين ترميم ۾ صوبن جي مالي اختيارن، اين ايف سي اوارڊ ۾ وفاق جو حصو وڌائڻ ۽ مڪاني ادارن جي اختيارن ۾ تبديليون ڪيون وينديون. سياسي پارٽين جي هاڪاري موٽ ملي ته 27 ترميم جو مسودو تيار ڪيو ويندو. حڪومت کي آئيني ترميم لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جي ضرورت آهي. پ پ هاڪار ڪئي ته قومي اسيمبلي ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جي گنجائش نڪري ايندي، باقي سينيٽ ۾ حڪومت کي جي يو آءِ جي حمايت گهربل هوندي.
- ضمني چونڊن کانپوءِ به موجوده سيٽ اپ کي ڪو خطرو نه هوندو؟
اسلام آباد (ويب ديڪس) جن طاقت کي چئلينج ڪيو، کڻي 9 مئي ڪيسن ۾ هجي يا ٻئي فورم ۾، کين معافي ناهي ملڻي، هڪ ڀيرو انهن جو مڪمل صفايو ڪرڻو آهي جن بغاوت جي ڪوشش ڪئي، ذريعن موجب، ڇو ته سندن بقا جو مسئلو آهي، کين سزائون نه آيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو اٿي بيهي رهندو ۽ حملي آور ٿي ويندو، طاقت جي رٽ چئلينج ٿي ويندي. يعنيٰ ايم اي اي، ايم پي اي، سينيٽرن کي نااهل ٿيڻو آهي. پي ٽي آءِ وارا طاقت ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ احتجاج به نه ڪري سگهيا. خالي سيٽن تي ضمني چونڊون ٿينديون، پنجاب ۾ اهي سيٽون مسلم ليگ ن کي ملڻيونآهن، ن ليگ پنجاب مان 15 سيٽون قومي اسيمبلي مان کڻي ورتيون ۽ پنجاب اسيمبلي جون سيٽون کنيون ته قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن مضبوط ٿي ويندي. ان سان پيپلزپارٽي جي بارگيننگ پوزيشن ڪمزور ٿي ويندي. ن ليگ حڪمراني ۽ انتظامي معاملن ۾ پنهنجو رنگ ڏيکاريندي ۽ پ پ جي پوزيشن متاثر ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف بابت اها راءِ آهي ته ان کي ڪو خطرو ناهي. ڇو ته نواز شريف ۾ صبر ناهي، انا مسئلو بڻائيندو آهي ۽ رد عمل ڏيندو آهي جڏهن ته شهباز شريف کي جيڪو چئجي بنا مزاحمت ڪندو آهي. طاقت ۾ وزيراعظم، اسٽيبلشمينٽ، سول بيوروڪريسي ۽ پارليامينٽ، ن ليگ ۽ اتحادي هڪ پيج تي آهن ته موجوده سيٽ اپ کي في الحال ڪو خطرو ناهي. انتظامي طور تي معمولي تبديليون اچي سگهن ٿيون. مستقبل ۾ ڪڏهن، قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت پيش آئي ته شايد نواز شريف جو ڪو ڪردار ٺهي سگهي ٿو پر في الحال ائين ناهي.
- موجوده ڍانچو جمهوري ناهي:محمد زبير
لاهور(ويب ديڪس)ن ليگ جي ناراض اڳواڻ ۽ اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير چيو آهي ته مان پي ٽي آءِ جي ڪيترن عملن سان متفق ناهيان، خاص طور تي جڏهن هو اسلام آباد تي چڙهائي ڪندا هئا، پر ڪجهه بنيادي اصولن تي مان سندن موقف جي حمايت ڪندو آهيان، خاص طور تي:پارليامينٽ جي بالادستي،عدليه جي آزادي،ميڊيا جي آزادي ،سول بالادستيتي اتفاق آهي، اهي سڀ اصول ته مسلم ليگ (ن) جو به اڳ ۾ موقف هئا، هن چيو ته جيڪڏهن توهان وٽ طاقت جو مرڪز ئي جي ايڇ ڪيو آهي، ته پوءِ ڳالهه ته اوڏانهن ڪرڻي پوندي. جيئن ڀارت جي آزادي وقت برطانيا سان ڳالهه ڪئي وئي هئي، ائين ئي پاڪستان ۾ سياسي طاقت جي فيصلي لاءِ به اتي ڳالهه ٿيندي. هن چيو ته سوال اهو آهي ته ڇا موجوده نظام جمهوريت آهي؟ جيڪڏهن توهان اهو مڃو ٿا ته موجوده حڪومتي ڍانچو جمهوريت ناهي، ته پوءِ اها ئي جدوجهد ته نصرت ڀٽو ۽ ٻين به ڪئي هئي. عوام کي چونڊڻ جو حق آهي. جيڪڏهن ماڻهو عمران خان کي چونڊين، ته پوءِ اهو انهن جو جمهوري حق آهي. اسان اهو فيصلو نه ڪري سگهون ته فلاڻو ماڻهو خراب آهي، تنهن ڪري اسان کيس اچڻ نه ڏينداسين.هن چيو ته اسان چون ٿا ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪيترن ئي مرحلن تي ٿي، نه رڳو پي ٽي آءِ آئين نه ٽوڙيو هو،آءِ ايس آءِ سربراهه سان ملاقات بابت هن چيو ته مان کلي عام اهو چيو ته مان پنهنجي مرضي سان ويو هوس، ڇو ته اهو ئي چيو ويو ته چون. پر پوءِ پارٽي قيادت مان مون تي تنقيد ڪئي وئي ته توهان پارٽي سان مشورو نه ڪيو. مون کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو.محمد زبير صاحب چيو ته موجوده حڪومتي ڍانچو جمهوري ناهي.پي ٽي آءِ جي بنيادي اصولن جهڙوڪ سول سپرميسي تي هو متفق آهي.
- بااختيار مڪاني ادارن کانسواءِ پارلياماني نظام بي فائده آهي: محمد علي دراني
اسلام آباد(م ڊ)اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني چيو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون ويون ته پوءِ ملڪ اڳتي وڌندو،گذريلچاليهه سالن کان ملڪ بغير آئين جي هلي رهيو آهي، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته دنيا اندر ڪو به پارلياماني نظام اهڙو ناهي جنهن مڪاني نظام کي بااختيار نه ڪيو هجي پر هتي ابتو نظام آهي، سينيٽ، قومي اسيمبلي ۽ بلدياتي چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گهرجن،هن چيو ته صدارتي نظام به پاڪستان ۾ هلي سگهي ٿو،مشرف کي ريفرنڊم نه ڪرائڻ گهرجي ها،هن چيو ته هن وقت آمريت نه فراڊ آهي،هائبرڊ نظام تي وفاقي وزير فخر محسوس ڪري رهيا آهن،اڳتي هلي اهي ان ڳالهه تي معافيون وٺندا،هن چيو ته هن ملڪ ۾ آبادگار ڪڻڪ،پ ٽاٽا، ڪمند،ڪپهه پوکڻ تي عذاب ۾ آهي،شگر ملن جا مالڪ موجن ۾ آهن،شوڪت عزيز جي دور ۾ به کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ٿي پر دٻاءُ اچي ويو،هن معاملي تي اسٽيبلشمينٽ ڪهڙو دٻاءُ ڏيکاريندي؟هن چيو ته پي ٽي آءِ ۾ وڃڻ جو ارادو ناهي،هن وقت اسٽيبلشمينٽ سان رابطو ناهي،جنهن ملڪ ۾ عدليه آزاد نه هجي،بلدياتي ادارا نه هجن ان تي ڇا چئي سگهجي ٿو،
- اسٽيبلشمينٽ کي اين ايف سي ايوارڊ تي خدشا آهن:احمد بلال محبوب
اسلام آباد(م ڊ)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته اهڙو ڪو به خاڪو تيار ناهي ته اسان 27هينترميم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون،آئين پاڪستان زندهه دستاويز اهي،وقت سان گڏ مختلف چئلينج پيش ايندا اهن جيڪڏهن ضرورت پئي ته يقينن 27هين ترميم ڪئي ويندي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته 27 هين ترميم بابت هن وقت رڳو ميڊِيا تي بحث هلي رهيو آهي،اسان وٽ ان جو ڪو به خدوخال موجود ناهي،ان ترميم جو مسودو اڃا فائنل ناهي،پلڊاٽ جي سربراهه احمد بلال محبوب چيو ته 18هين ترميم تي ڪو به عام بحث نه ٿيو،ان ترميم تي ننڍن صوبن جو مڪمل اتفاق هو،پارٽين اندر به ماڻهن کي ان جي آگاهي نه هئي، هن چيو ته مون کي شڪ آهي ته 27هين ترميم به عوام ۾ نه ايندي،ڪميٽي ۾ ٿورن ڏينهن لاءِ ايندي،اسٽيبلشمينٽ جا ماضي ۾ ان ڳالهه تي تحفظات رهيا آهن ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو شيئر آئنده گهٽ نه ٿيندو،حڪومت جا به ڪجهه ماڻهو اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي جون ڳالهيون ڪندا رهيا آهن،وفاقي حڪومت کي مالي مشڪلات پيش آهي،هن چيو ته ارڙهين ترميم کي ڇيڙيو ويو ته صوبائي خودمختياري نازڪ معاملو آهي،اوڀر پاڪستان به صوبائي خودمختياري جي ڳالهه تي اسان کان الڳ ٿيو هو،اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي لاءِ اتفاق راءِ جي ضرورت آهي،حڪومت کي اهڙي ترميم نه ڪرڻ گهرجي جنهن تي سڀاڻي پڇتائڻو پوي،پارليامينٽ ڪمزور ٿي رهي آهي
آگسٽ 5, 2025