پي ٽي آءِ جي احتجاج کان اڳ ڪريڪ ڊائون، 300 ڪارڪن گرفتار

اسلام آباد/لاهور( ويب ديڪس) عمران خان جي قيد کي ٻه سال مڪمل ٿي ويا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي احتجاج کان اڳ ئي ڪريڪ ڊائون شروع ٿي ويو آهي،لاهور پوليس ڪارروائي ڪندي 300 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ قيادت سڀني قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي اسلام آباد طلب ڪري، اڊياله جيل جي ٻاهران احتجاج جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. پوليس پارٽي جي قيادت، اهم اڳواڻن ۽ ٽڪيٽ هولڊرز جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،
۽ تقريباً 300 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن. پوليس ذريعن موجب، اهي گرفتار ٿيل شهر جي مختلف علائقن مان کنيا ويا، جن مان ڪجهه کي شورٽي بانڊ (ضمانتي مچلڪا) تي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته “ڊور ناڪنگ” جي ذريعي به گرفتارين جو سلسلو جاري آهي. پي ٽي آءِ لاهور جي قيادت چيو آهي ته پنجاب حڪومت فسطائيت جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن،
پر ظلم ۽ جبر جي باوجود، سڀئي ڪارڪن احتجاج لاء ِروڊن تي نڪرندا. هوڏانهن پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت 5 آگسٽ جي احتجاجي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. سڀني قومي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرز کي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي، جتي اهي اڊياله جيل جي ٻاهران احتجاج ڪندا. ذريعن موجب، صوبائي اسيمبلي جا ميمبر پنهنجي پنهنجي حلقن ۾ احتجاج ڪندا. مرڪزي قيادت صوبائي صدورن ۽ چيف آرگنائيزرن سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.
احتجاج تحفظِ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم تان ٿيندو، جنهن جي نگراني پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجه ڪندو. سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي ذميوارن پنهنجا شيڊول قيادت ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن. سڀني ٽڪيٽ هولڊرن کي الرٽ ڪيو ويو آهي.
آگسٽ 5, 2025