ٺٽو: منشيات فروشن جو صحافي نثار احمد گندرو تي هٿياربند حملو، سخت زخمي، صحافتي برادري جو احتجاج ۽ انصاف جو مطالبو
ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي) منشيات فروشن جو صحافيءَ تي هٿياربند حملو، ايوانِ صحافت جو جنرل سيڪريٽري نثار احمد گندرو سخت زخمي ٺٽو شهر جي ڳوٺ عثمان گندرو ۾ هٿياربندن حملو ڪندي ايوانِ صحافت ٺٽو جي جنرل سيڪريٽري نثار احمد گندرو کي فائرنگ ۽ پٿراءُ جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. زخمي صحافي کي تڪڙي طبي امداد لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
عيني شاهدن جي بيانن مطابق،
حملي جي اڳواڻي مبينا طور تي مقامي منشيات فروش سليم گندري ، عزيز گندري ، اسلم گندري ، ڪئي، جيڪو ڪيترن ئي هٿياربندن سان گڏجي نثار گندرو جي رهائشگاهه تي حملو ڪري آيو. حملي دوران فائرنگ جو سلسلو گهڻي وقت تائين جاري رهيو ۽ حملو ڪندڙن گهر اندر داخل ٿي ڦرلٽ پڻ ڪئي، جنهن سبب سڄي علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پيدا ٿي ويو.
واقعي اطلاع ٺٽي ٿاڻي تي ڏنو ويو جنهن کان پوءِ ايف آءِ آر ٺٽو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي، پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اڃان تائين ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. علائقي واسين ۽ شهري حلقن پاران پوليس جي رويي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ٺٽو ٿاڻي جو ايس ايڇ او واقعي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي، جيڪا پوليس جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آهي. اُھو اُن انتظار ۾ آهي ته اڃان به وڏو حادثو ٿئي ته جيئن وڌيڪ مال ڪمائي سگهان جو حملي آور منشيات فروش آھن ،
ايوانِ صحافت ٺٽو طرفان ايس ايس پي ٺٽو کي واقعي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، پر ان باوجود ضلعي پوليس جي سربراهه طرفان به ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب صحافي برادري ۾ بيچيني وڌي وئي آهي. صحافين جو چوڻ آهي ته ضلعي ٺٽو منشيات فروشن جي ڏوهاري نيٽ ورڪ جي گرفت ۾ اچي چڪو آهي،
ايوانِ صحافت ٺٽو پاران واقعي خلاف سخت احتجاج ڪندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته حملو ڪندڙن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف مهيا ڪيو وڃي. ايوان جي اڳواڻن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن واقعي جي شفاف جاچ نه ڪئي وئي ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
آگسٽ 4, 2025