شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج ملير ۾ فيسن ۾ واڌ خلاف شاگردن جو ڌرڻو، قومي شاهراهه بند، پرنسپال خلاف ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

Ask ChatGPT

ملير (ڊر ) شھيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج جي شاگردن جو فيسن جي مد ۾ سئو سيڪڙو واڌ خلاف ملير سٽي نيشنل هائي وي تي احتجاجي ڌرڻو جاري
ڌرڻي سبب قومي شاهراه بند ٽريفڪ معطل گاڏين جون قطارون لڳل
احتجاجي ڌرڻو شاگردن حسيب پتافي ، آغا ڪاشف ، انعام علي ۽ عابد بوزدار جي اڳواڻي ۾ سوين شاگردن روڊ تي نڪري آيا
شاگردن جي احتجاجي ڌرڻي سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر
ڌرڻي واري هنڌ پوليس جا اٽالا پهچي ويا شاگردن سان ڳالهايون شاگردن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار
ڪاليج پرنسپال جبري طور سئو سيڪڙو فيسن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آھي جيڪو سراسر ظلم ۽ ناانصافي آھي ۔شاگرد
واڌاري فيسون وٺڻ جو وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ پرنسپال خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۔شاگردن
سنڌ جو وڏو وزير معاملي جو نوٽس وٺي
ڪاليج جي فيس جو واڌ ڪرڻ جو اختيار بورڊ کي آھي پرنسپال کي ناهي بورڊ جو اڃا اجلاس ئي ناهي ٿيو ۔پرنسپال رياض لنڊ بلوچ
فيس ۾ واڌ ناهي ٿي شاگردن جڏهن اجلاس ناهي ٿيو ته فيس ڪيئن وڌي ۔پرنسپال لا ڪاليج
بورڊ جي اجلاس ۾ ممڪن آھي ته بورڊ فيسن ۾ واڌ ڪري سگهي ٿو ۔رياض بلوچ لاڪاليج پرنسپال شھيد ذوالفقار علي ڀٽو مراد ميمڻ ڳوٺ

آگسٽ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو