سوڍا ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ راجپوت سپر ليگ سيزن ٽو جو فائنل، راجپوت ينگ اسٽار نيوڇور 9 وڪيٽن تان ڪامياب
Ask ChatGPT
ڇور (رپورٽ: لالجي سوڍو) سوڍا ڪرڪيٽ گرائونڊ سڻوھي ته راجپوت سپر ليگ سيزن ٽو جو نريندرسنگھ سوڍو رويندرسنگھ سوڍو سوائي سنگھ جسونت سنگھ ۽ حاڪم سنگھ پاران تمام زبردست ڪرايل ٽيپ بال ڪرڪيٽ ليگ ٽورنامنٽ جو فائنل مئچ راجپوت ينگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب نيوڇور ۽ راجپوت سپر ڪنگ ڪرڪيٽ ڪلب ٿرپارڪر وچ ۾ ٿيو راجپوت سپر ڪنگ ڪرڪيٽ ڪلب پھرين بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 85 رنسون ٺاھيون جنھن ۾ سروڻ سنگھ سوڍو 52 رنسون ٺاھيون راجپوت ينگ اسٽار طرفان ھمير سنگھ سوڍو 4 وڪيٽون ورتيون جواب ۾ راجپوت ينگ اسٽار ھڪ وڪيٽ جي نقصان ته پنجين اوور جي پھرين بال ته ٽارگيٽ پورو ڪري فائنل کٽي ورتو راجپوت ينگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب طرفان ھميرسنگھ سوڍو 55 رنسون ٺاھيون اھڙي طرح راجپوت ينگ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب نيوڇور 9 وڪيٽن تان فائنل کٽي ورتو آخر ۾ مھمان خاص ڍاٽ جو شھزادو ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو صاۡحب ڊاڪٽر ھميرسنگھ سوڍو درجن سنگھ سوڍو وڪرم سنگھ جاڙيجا پرٿوي سوڍو دلپت سنگھ سوڍو نيٻراج راٺوڙ جڳت ڏان چارڻ شام سنگھ سوڍو ديپ سنگھ سوڍو پريم سنگھ مھر ڊاڪٽر ناٿو سنگھ سيشن ڪورٽ ڪلارڪ ھميرسنگھ سوڍو ۽ ٻين پاران ونر ٽيم جي ڪيپٽن ھميرسنگھ سوڍو کي ونر ٽرافي رنر ٽيم جي ڪيپٽن کي رنر ٽرافي اجيت سنگھ راجپوت مين آف دي مئچ ھميرسنگھ سوڍو مين آف دي سيريز سروڻ سنگھ سوڍو بيسٽ آلرائونڊر وريندرسنگھ بيسٽ بالر چترسنگھ بيسٽ وڪيٽ ڪيپر رويندرسنگھ بيسٽ فيلڊر پردوس سنگھ بيسٽ امپائرز بلويرسنگھ سوڍو ۽ مھندرسنگھ بيسٽ ڪامينٽر ڪلياڻ سنگھ سوڍو پدم سنگھ سوڍو ۽ ھميرسنگھ سوڍو بيسٽ اسڪورز تيرٿ بجير بيسٽ ڪوريج جڳت ڏان چارڻ وفا درجن بيسٽ فيسبڪ لائيو ڪوريج سڪندر بلوچ بيسٽ فوٽو گرافر شھزاد راھمون کي ٽرافيون ڏنيون
آگسٽ 4, 2025