ڪوٽڙي ڊي ايچ ڪيو اسپتال ۾ جشن آزادي ريلي ۽ پرچم ڪشائي، پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش
ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث ) ڪوٽڙي ڊي ايچ ڪيو اسپتال پاران جشن آزادي جي سلسلي معرڪ حق جي عنوان سان پرچم ڪشائي ريلي ڪڍي وئي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ڊاڪٽر عدنان منير تنيو ڪوٽڙي ڊي ايچ ڪيو اسپتال ۾ پهچي جشن آزادي جي سلسلي ۾ معرڪ حق جي عنوان سان قومي پرچم ڪشائي ڪئي
ان موقعي تي اي ڊي سي ٽو ڊاڪٽر عدنان منير تنيو ايم ايس ڊاڪٽر برڪت علي لغاري سان گڏ اسپتال ۾ مريضن جي عيادت ڪري جشن آزادي جي حوالي سان مريضن ۾ مٺائي ورھائي جڏهن ته اي ڊي سي ڊاڪٽر عدنان منير تنيو چيو ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري جي ھدايتن تي پھرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين جشن آزادي جون تقريبون جاري رھنديون ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊي ايچ ڪيو اسپتال ڪوٽڙي ڊاڪٽر برڪت علي لغاري اي ڊي سي ٽو ڊاڪٽر عدنان منير تنيو کي اسپتال جي معائنو به ڪرايو
بعد ۾ جشن آزادي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ اڳواڻن جشن آزادي، معرڪ حق جي عنوان سان پاڪ فوج جي جوانن، ۽ پاڪستان جي بانين جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي، پاڪ فوج زنده آباد پاڪستان زنده باد جا پر جوش نعرا هنيا تقريب ۾ ڊاڪٽر بچل شيخ، اسٽاف آفيسر عرفان علي چنا، رفيق خاصخيلي، ڊي ايچ ڪيو اسپتال جي ڊاڪٽر ۽ اسٽاف موجود ھو
آگسٽ 4, 2025