سڪرنڊ ۾ پوليس جي زيادتين خلاف کوسا برادري جو احتجاج، ايس ايس پي کان انصاف جي اپيل

Spread the love

.سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ڀرسان زيرو پوائنٽ جي رھواسي کوسا برادري جي عورتن ، مردن ۽ ٻارڙن  پوليس جي بي واجبين  خلاف سڪرنڊ ٿاڻي آڏو ، غلام شبير کوسو ، علي حيدر کوسو ، مسمات راڻي کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي دانھيون آهي تہ اسان غريب پورهيت آھيون ، سڪرنڊ ، قاضي احمد ، کڏھر ، پوليس رات جي انڌيري ۾ چادر چوديواري پائمال ڪري گھرن ۾ داخل ٿي عورتن مردن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري رشوت طلب ڪري ٿي جڏهن تہ ھن کان اڳ پوليس اسان پورھيت علي حيدر کوسو کي کنڀي کڻي وئي ھئي

 ٽي ڏينھن مسلسل تشدد ڪرڻ کانپوءِ 2 لک رشوت وٺڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو وري ھاڻ گھرن تي چڙھائي ڪري گھر ۾ بيٺل هڪ ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل ، ٻہ ، سي ڊي موٽرسائيڪل موبائيل فون ۽ بيمار عورت جي علاج لاءِ پيل ڏيڍ لک روڪ رقم کڻي وئي آهي ھنن چيو تہ پوليس اھڙيون ڪارروائي بااثر علي نواز کوسو ۽ عباس چانڊيو جي چوڻ تي ڪن پيا پھرين ڌاڙيلن کان خوف ٿيندو ھو ھاڻ پوليس کان ٿئي ٿو ڇو تہ ھو رات جي انڌيري ۾ گھرن ۾ داخل ٿي تشدد جو نشانو بڻائين ٿا جڏهن تہ اسان پورھيت ڪيلي جي مزدوري ڪريو ٿا ھنن

ايس ايس پي شھيد بينظير آباد کي اپيل ڪئي آهي تہ معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪري ڦر ڪيل روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪلون ۽ موبائيل واپس ڪرائي ڏني وڃي

آگسٽ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو