گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دولتپور پاران يومِ آزادي ريلي، پاڪ فوج کي ڀيٽا ۽ حب الوطني جو عزم
نوابشاهه (رپورٽ: عبدالفتاح رند)سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي شھيد بينظيرآباد جي سرڪاري اداران ۾ پڻ معرڪہ حق ۽ يوم آزادي جي سلسلي ۾ تقريبن جو سلسلو جاري آهي ان سلسلي ۾ اڄ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دولتپور پاران ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ارشاد احمد اوٺو جي اڳواڻي ۾ پاڪ فوج جي شاندار ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ “معرڪہ حق ۽ يوم آزادي جي سلسلي ۾ ڪاليج جي ڪيترن ئي شاگردن قومي جهنڊا هٿن ۾ کڻي،
موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي، “پاڪستان زندہ باد” جا نعرا هڻندي، ڪاليج کان وٺي مرڪزي لائبريريءَ تائين شاندار ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ڪاليج جي ليڪچرار شھباز علي ڏاھري، شاھد نواز سومرو، نصير سڪندر سميت ڪاليج جي استادن، شاگردن ۽ شھرين پاران ڀرپور حصو ورتو ويو ريلي جي پڄاڻي تي پنھنجي خطاب ۾ ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ارشاد احمد اوٺو ۽ ٻين چيو ته ضلع شھيد بينظيرآباد ۾ پڻ معرڪہ حق ۽ يوم آزادي جي سلسلي ۾ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا ويا آهن
جنهن جو مقصد پاڪ فوج جي قربانين، عزم ۽ وطن لاءِ وفاداريءَ تي خراج تحسين پيش ڪرڻ آھي ھنن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج اسان جي ملڪ جي سلامتيءَ جو نشان آهي. اسان سڀني جو فرض آهي ته انهن جي قربانين کي ياد رکون، پنهنجي اندر حب الوطني پيدا ڪريون، ۽ هر سطح تي ملڪ سان وفاداريءَ جو مظاهرو ڪريون.
آگسٽ 4, 2025