دادو ۾ “يومِ شهداءَ” عقيدت سان ملهايو، شهيدن کي ڀيٽا ۽ وارثن سان يڪجهتي جو اظهار

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي )دادو ۾ پوليس پاران “يومِ شهداءَ” عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو ايس ايس پي دادو جي شهيدن جي مزار تي پڻ حاضري سلامي پيش مان پاڻ کي شهيدن جي گهرن جو ڀاتي سمجهان ٿو. ايس ايس پي ريٽائرڊ ڪئپٽن امير سعود مگسي  4 آگسٽ تي دادو ضلعي جي پوليس پاران “يومِ شهداءَ” جو ڏهاڙو وڏي عقيدت، احترام ۽ قومي جذبي سان ضلعي ضلع هيڊڪوارٽر دادو ۾ ملهايو ويو،

جنهن ۾ شهيد اهلڪارن جي وارثن کي خاص مهمان طور دعوت ڏني وئي تقريب جي شروعات شهيدن کي سلامي ۽ خصوصي دعا سان ٿي، جنهن کانپوءِ ايس ايس پي دادو ريٽائرڊ ڪئپٽن امير سعود مگسي خطاب ڪندي شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته، مان پاڻ کي شهيدن جي گهرن جو ڀاتي سمجهان ٿو، منهنجي آفيس جا دروازا هميشه انهن جي وارثن لاءِ کليل آهن. شهيدن پنهنجي رت جو نذرانو ڏئي اسان لاءِ امن قائم ڪيو، هو زنده آهن ۽ پنهنجو رزق حاصل ڪري رهيا آهن

تقريب ۾ ايس ايس پي جي هدايت تي ايس ايڇ او بي سيڪشن انسپيڪٽر بينظير جمالي پاران شهيدن جي وارثن کي تحفا ۽ گل دستا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي نوجوان اهلڪار وقار پنهور پاران شهيدن جي شهادت ۽ انهن جي خاندانن سان وابستگي تي مشتمل اسٽوري پڻ پروجيڪٽر تي ڏيکاري وئي، جنهن دوران ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن جون اکيون آليون ٿي پيون تقريب ۾ پي ايس او ساجد علي ميمڻ، پي آر او عبدالرزاق قمبراڻي، ايس ايڇ او مختيار چانڊيو، هيڊ محرر گل حسن وگهيو سميت پوليس آفيسرن،

اي ايس آئيز، ليڊي پوليس، هيڊ محرر ۽ ٻئي عملي شرڪت ڪئي شهيدن جي وارثن پاران تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ايس ايس پي دادو ۽ پوليس کاتي جا ٿورا مڃيا ويا. انهن چيو ته هر سال اسان جي پيارن کي شانائتي طريقي سان ياد ڪري اسان کي مان ڏنو وڃي ٿو، جيڪو اسان لاءِ فخر جو لمحو آهي. تقريب ۾ انسپيڪٽر غلام مرتضيٰ ميمڻ، انسپيڪٽر قاضي اشفاق احمد، هيڊ ڪانسٽيبل روشن علي ڀٽو، محمد نصير رند، پوليس ڪانسٽيبلز نظام الدين هاتار، محمد رمضان لنڊ، محمد يونس شاهاڻي، ممتاز علي سولنگي،

محمد يعقوب جسڪاڻي، محمد حنيف لنڊ، ذوالفقار علي پنهور، شبير احمد کوکر، ڀلي ڏنو پنهور، محمد سليم پنڙ، ذوالفقار علي گاڏهي، محمد صادق، علي مرتضيٰ جوڻيجو، آفتاب شاهه، محمد خان هالو ۽ محمد عثمان رودناڻي جي خاندان جي پيارن شرڪت ڪئي. تقريب کان پوءِ ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي جي اڳواڻي ۾ شهيدن جي ياد ۾ پوليس جوانن سان گڏ دادو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي،

جتي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان کان پوءِ ايس ايس پي دادو شهيد انسپيڪٽر مرتضيٰ ميمڻ جي آخري آرامگاهه پير مراد قبرستان تي پهچي سلامي پيش ڪئي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، 2004ع ۾ شهيد مرتضيٰ ميمڻ ڌاڙيلن سان مقابلي دوران شهيد ٿيو. سندس فرزند محمد يوسف ميمڻ پڻ هاڻي پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ طور قوم جي خدمت ڪري رهيو آهي، جيڪو والد جي مشن کي اڳتي وڌائي رهيو آهي ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته شهيدن جو رت ضايع نه ٿيندو. تازو پوليس اهلڪار ذولفقار پنهور کي شهيد ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي چڪا آهيون.

آگسٽ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو