دادو ۾ چوماسي جي برساتن کان اڳ نالن ۽ گٽرن جي صفائي، ميونسپل چيئرمين جي نگراني هيٺ تيز ترين قدم

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلا سولنگي)  دادو ميونسپل چئرمين پاران گٽرن، نالين جي صفائي جو ڪم تيزي سان جاري، چوماسي جي موسم ھلي رھي آھي، برساتن پوڻ جو امڪان آھي، ميونسپل چيئرمين پير دانش علي،   پيپلز پارٽي ايم پي اي دادو پير مجيب الحق جو ڀاءُ چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادوپير دانش علي جي خاص ھدايتن تي فوڪل پرسن حاجي لياقت سومرو، سي ايم او مختيار راھپوٽو،

اڪائونٽنٽ جاويد راھپوٽو صفائي عملو ساڻ ڪري چوماسي جي امڪاني برساتن کي منہن ڏيڻ لاءِ شھر جي مختلف گنجان آبادي واري علائقن ۾ وڏن نالن جي کاٽي ۽ گٽرن جي صفائي جو ڪم تيزي سان جاري آھي، ان حوالي سان ميونسپل چيئرمين پير دانش علي چيو تہ عوام کي اڳواٽ سھولتون ڏيڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو منشور آھي، ھن وقت چوماسي جي موسم ھلي رھي آھي، جنھن دوران گھڻيون برساتون پوڻ جا امڪان آھن، تنھنڪري برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ اڳواٽ ئي تياريون ڪيون پيون وڃن، تہ جيئن شھر جي عوام کي مشڪلاتون پيش نہ اچن،

آگسٽ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو