ايم ايل ٽو تي ريل گاڏين جي بحالي لاءِ سيتا سرجڻهار فورم جي ريلي ۽ احتجاج، مسافرن لاءِ سهولتن جي گهر

Spread the love

ڦلجي اسٽيشن  ( رپورٽ:غلام حيدر پنھور ) ايم، ايل،ٽو، ريلوي ٽريڪتي سالن کان  بند ڪيل ريل گاڏيون ھلرائڻ لاء  سيتا سرجڻھار فورم پاران ريلي ڪڍي ڦلجي ريلوي اسٽيشن تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، مظاهرين پاران ريلوي انتظاميا خلاف  سخت نعري بازي ڪندي  بند ڪيل سموريون ريل گاڏيون ھلائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ، ان موقعي تي مظاهرين  مشهور ميمڻ ، رانانصرالله سنڌي،  منير احمد سمون، سڪندر علي پنهور، خالد حسين منگي ، امداد علي پنهور ،ڪامريڊ خالد کوسو،

لياقت علي درويشاڻي پنهور، محمد نواز چانڊيو، تنوير ميمڻ ، نيڪ محمد پنهور ، شاھد حسين چانڊيو، ۽ ٻين چيو ته ايم، ايل، ٽو، ريلوي ٽريڪ تي ٻارنهن ريل گاڏيون هلنديون هيون جيڪي مختلف بهانا ڄاڻائي بند ڪيون ويون آهن ،  بند ڪيل ريل گاڏيون هلرائڻ لاء 917 ڏينهن کان سنڌ جي ننڍين وڏين ريلوي اسٽيشنن تي احتجاج ڪيا آهن  ريلوي انتظاميا جي ڪنن تي جونء نه ٿي چري ، احتجاجن کان پوء بند ڪيل   ٻارنهن ريل گاڏين مان صرف  هڪ ريل گاڏي موهن جو دڙو ايڪسپريس هلائي وئي آهي

جنهن ۾ پڻ  ڏهن ڪوچن جي جاء تي صرف ٻه ڪوچ (بوگيون ) هنيا ويا آهن ، مسافرن جو تعداد  تمام گهڻو وڌيڪ هئڻ  ۽ گاڏا گهٽ هئڻ ڪري  ٻچڙيوال مسافر پريشان ٿين ٿا ،  ۽ ڪيترائي مسافر ريل گاڏي جي بوگين جي ڇت تي ۽ انجڻ ۾ لڙڪي زندگي داء تي لڳائي خطرناڪ  سفر ڪرڻ تي مجبور آهن ڪيڏي مهل به ڪو مسافر ڪري فوت ٿي سگهي ٿو ،  ٻئي پاسي بولان ميل جو هڪ ريڪ بحال ڪيو ويو جنهن کي هٿ وٺي ليٽ ڪرائي بند ڪرڻ جي سازش ڪئي ٿي وڃي ،

جڏهن ته ايم ايل ٽو ٽريڪ جي مرمت نه ٿيڻ سبب هنڌان هنڌان اکڙيل آھي،  پٽڙين کي پٿر ۽ فٽا ناهن آيل پٽڙيون پڻ ڏيڍيون پاسيريون بيٺل آھن جنهن ڪري حادثا پڻ ٿين ٿا مسافرن لاء ريلوي اسٽيشنن تي پاڻي ، بينچن سميت ٻيون سهولتون هٿ وٺي نه ٿيون ڏنيون وڃن  مظاهرين ريلوي جي اعلا اختيارين سميت وسوارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته سڀئي ريل گاڏيون بحال ڪري ٽريڪ جي مرمت ڪرائي وڃي

آگسٽ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو