ڪراچي: علمي ادبي فورم جي تقريب ۾ اديب شريڪ آھن.

Spread the love

ڪراچي(ڪلچرل رپورٽر) علمي اَدبي فورم پاران شاعر، اَديب ۽ صحافي اظهر ٻانڀڻ جي سالگره تقريب ڪوٺائي وئي، اڪيڊمي اَدبيات پاڪستان جي سھڪار سان شمشير الحيدري سيمينار ھال ۾ ٿيل  تقريب جي صدارت برک دانشور پروفيسر اعجاز قريشي ڪئي جڏھن تہ خاص مھمان معروف آءِ ٽي اسڪالر ۽ تعليمي مُدبر ڊاڪٽر طارق رحيم سومرو ھو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر جاويد شيخ،

سيما عباسي، ايڊووڪيٽ تنوير ابڙي، رحمت پيرزادي ۽ ٻين اظھر ٻانڀڻ جي شاعريءَ تي روشني وجھندي کيس اَدبي مڃتا پيش ڪئي. فورم جي صدر پروفيسر مشتاق مهر خطاب ڪندي چيو تہ اسان مردہ پرست آھيون، جيئرن کي مڃتا ڪون ٿا ڏيون، اسان وٽ مڃتا لاءِ مرڻ شرط آھي، اچو ھي عھد ڪريون تہ اسين ورسين بدران جنم ڏھاڙا ملھائڻ کي اوليت ڏينداسين. اظھر ٻانڀڻ چيو تہ ھو سالگرھ ملھائڻ تي علمي ادبي فورم جو ٿورائتو  آھي، ڄڻ تہ بي لباس کي پوشاڪ پارائي وئي ھجي.

ڊاڪٽر طارق رحيم سومري جو چوڻ ھو تہ اظھر  صحافت ۽ ادب جي ميدان ۾ ساراھ جوڳيون خدمتون انجام ڏنيون آھن، سندس شعري مجموعو جلد ڇپجڻ گھرجي، اَدبي فورم سٺو ڪم  ڪري پيو، پاڻ کي ان جو حصو سمجھان ٿو. پروفيسر اعجاز قريشي خطاب ڪندي چيو تہ اَديبن جو قدر سندن زندگي ۾ ٿيڻ گھرجي، اظھر ٻانڀڻ  سنجيدہ فڪر شاعر ۽ قلمڪار آھي. پروفيسر مشتاق مھر پنھنجي فورم طرفان واکاڻ جوڳا پروگرام ڪرائي رھيو آھي. تقريب ۾  ڪيڪ ڪٽي اظھر ٻانڀڻ کي مبارڪون ڏنيون ويون.

آگسٽ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو