شڪارپور: لکي در ۾ ميڊيڪل اسٽور تي هٿياربند ڌاڙو، هڪ لک رپيا ڦر

Spread the love

 شڪارپور (رپورٽ:جاويد علي شيخ ) شڪارپور: موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا نامعلوم هٿياربند  ميڊيڪل اسٽور تي ڌاڙو، مبينه طور هڪ لک رپيا ڦر ڪري فرار   شڪارپور شهر جي مصروف ترين علائقي لکي در ٿاڻي جي حد ۾ واقع “توقير ميڊيڪل اسٽور” تي ٻن اڻڄاتل هٿياربند موٽرسائيڪل سوارن ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو هنيو، جن دڪان مان مبينه طور هڪ لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا۔

ذريعن موجب، جيئن ئي ٻنهي هٿياربند ماڻهن دڪان تي پهتو، تيئن ئي هنن دڪاندار عبدالرشيد ڦلپوٽو   کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو ۽ دڪان مان روڪ رقم کڻي بنا ڪنهن مزاحمت جي فرار ٿي ويا۔ واردات بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ واپاري برادري سخت پريشان نظر آئي۔

اطلاع ملڻ تي آل اسمال ٽينڊرز اينڊ ڪاٽيچ ويلفيئر ايسوسيئيشن (رجسٽرڊ) جي اڳواڻ حاجي سميع الله شيخ، ڀٽائي بازار جي صدر محمد افضل مغل ۽ لکي در دوڪاندار يونين جي صدر محمد ايوب دايون موقعي تي پهتا، جن متاثر دڪاندار سان ملاقات ڪري افسوس جو اظهار ڪيو۔

تاجرن جو چوڻ هو ته شهر ۾ وڌندڙ ڏوهن سبب واپاري طبقو سخت عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويو آهي۔ هنن پوليس کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري واپارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔

ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ايف آءِ آر داخل ڪيو ويو آهي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن۔

آگسٽ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو