ميرپور خاص جي واپارين پاران ڦٽي، ٻين شين جي اگھھ تي عمل ڪرائڻ جو مطالبو

Spread the love

ميرپورخاص (رپورٽر) معزز شخص انجمن تاجران صوبائي سنڌ جي  جرنل سيڪٽري امين ميمڻ ۽ انجمن تاجران جي ترجمان نورالدين قريشي سان صحافي خدابخش چوھاڻ شمشاد مرڙاڻي  ملاقات ڪئي

 ان ملاقات دوران شھر جي انجمن تاجران برادري جي اڳواڻن ڳالھائندي چيو ته ميرپورخاص جي شھر جي حالاتن جي ھر شھرين کي خبر آھي رھي ڳالھ مھنڳائي جي ته سنڌ حڪومت طرفان  جيڪي کاڌي پيتي وارين شين تي ريٽ ته سستي ڪرائڻ جا ليٽر جاري ڪري ٿي

 پر ان تي عمل ڪون ٿو ٿئي سنڌ حڪومت جي کاڌي پيتي جي سامان جي اڳھن ۾ سستي ريٽ تي  عمل ڪرائڻ تي ميرپورخاص جي ڪميشنر۽  ڊي سي جو ڪم آھي

 ٻئي پاسي ڦٽي جو مقرراڳھ 8500 روپيه في مڻ  آھي پر ھتي زميدار مجبوري طور 6500 روپيه في مڻ وڪرو ڪن پيا وڌيڪ انمجن تاجران جي ترجمان نورالدين قريشي ٻڌايو ته ايل پي جي گئس جي سنڌ حڪومت ھڪ کلو جو ريٽ177روپيه مقرر ڪيو آھي

 پر حڪومت کي اھا ڄاڻ ڪونھي ته دڪاندار پنھنجي وڪري لاء خريد ڪري اچن ته انھن جو 20 روپيه في کلو جي حساب سان گاڏين جو ڪرايون ٿيون وڃي

 انھي ڪري اسان مجبوري طور پنھنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ سبب اسان 220 روپيه کلو دڪان تي وڪرو ڪيو ٿا اسان سنڌ حڪومت کي اھا اپيل ڪنداسين ته ڪنھن به شئي جو ريٽ مقرر ڪري ليٽر جاري ڪيو ٿا ته ان تي عمل ڪرايون وڃي

جُولاءِ 4, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو