سکر: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي شفاف بڻايو ويو، ڪروڙين خاندان فائدي ۾ — سيد زاهد حسين شاھ بخاري
سکر(رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) سکر هائوس پ پ اڳواڻ سيد زاهد حسين شاھ بخاري چيو آھي ته محترمه روبينه خالد وڏي محنت سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي شفاف بڻائيندي سڌارا آندا آھن جنهن سان ڪروڙين خاندان مستفيد ٿي رهيا آھن اهڙو اظھار هن پ پ ليبر ڪالوني آفيس سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو سيد زاهد شاھ بخاري چيو ته پ پ جي مرڪزي اڳواڻن اسلام دين شيخ۔سيد خورشيد احمد شاھ۔
سيد ناصر حسين شاھ۔نعمان اسلام شيخ۔سيد اويس قادر شاھ۔سيد فرخ خورشيد شاھ۔ميئر سکر ترجمان سنڌ حڪومت ارسلان اسلام شيخ ۽ ٻين جي سهڪار ۽ هدايتن تحت عوامي خدمت وارو ڪم جاري آھي۔سيد زاهد شاھ بخاري ٻڌايو ته ڪجھ مهينا اڳ جن عورتن جا فارم ڀرائي پ پ قيادت ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اختيارن کي موڪليا هئا انهن مان 75 سيڪڙو عورتن جا نالا شامل ٿي ويا آھن
جيڪي قسط جي رقم حاصل ڪرن پيون هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تحت سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام کي بنيادي ۽ بلدياتي سهولتون فراهم ڪري پئي هن چيو ته سکر شھر سميت سموري ضلعي ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويو آھي هر ڳوٺ ۾ روڊ رستن۔اسڪولن۔اسپتالن ۽ نالين جي تعمير جو ڪم جاري آھي پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت جو نالو آھي پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪن عوامي خدمت تي يقين رکن ٿا۔
آگسٽ 3, 2025