ملير: سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس پاران زمينن تي والار ۽ تشدد خلاف جدوجهد ۽ 8 آگسٽ تي ڪاٺوڙ ۾ احتجاج جو اعلان

Spread the love

ملير (رپورٽ: ذوالفقار علي نصيراڻي ) سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي جنرل سيڪريٽري ۽ قانوني ٽيم تي حملي، زمينن تي والار  ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ تي قبضي خلاف جدوجهد جو اعلان ڪري ڇڏيو،  بحريه ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي زمين ترقياتي رٿائن جي آڙ ۾ زمينن تي والار ڪئي پئي وڃي گڏاپ جي هزارين ايڪڙ زمينن ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جي 200 ايڪڙ زمين تي ٿيندڙ غيرقانوني قبضو ختم ڪيو وڃي ٻيهر سرزمين تي اچڻ تي موتمار ڌمڪيون،

پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ويو    8 آگسٽ تي ڪاٺوڙ ۾ احتجاج جو اعلان، تفصيل موجب سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس پاران کيرٿر پارڪ ۽ گڏاپ جي زمينن تي غيرقانوني والار ۽ لينڊ مافيا طرفان حفيظ بلوچ تي حملي خلاف اڳواڻن سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي اڳواڻن مرڪزي صدر سيد خدا ڏنو شاھ ، نائب صدر خالق جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، آفيس سيڪريٽري جانب خاصخيلي ۽ امداد چاچڙ عوامي پريس ڪلب ۾ پر هجو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي

بحريه ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي عدالتي حڪمن کي ٿڏي ترقياتي رٿائن جي آڙ ۾ زمينن تي والار ڪئي پئي وڃي گڏاپ جي هزارين ايڪڙ زمين ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جي 200 ايڪڙ زمين تي ٿيندڙ غيرقانوني قبضو ۽ ريتي بجري چوري سنڌ جي ماحولياتي، ثقافتي، تهذيبي ورثي ۽ جهنگلي جيوت جي بقا جو سوال آهي هنن چيو ته ان حوالي سان صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ حفيظ بلوچ جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ليگل ٽيم جڏهن سرزمين تي پهتي ته ريتي بجري مافيا مٿن حملو ڪري تشدد بعد اغوا جي ڪوشش ڪئي

مقامي ماڻهن طرفان وچ ۾ پوڻ تي هٿيار بندن ٻيهر سرزمين تي اچڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ پوليس به ڪيس داخل نه ڪيو هنن چيو ته سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جو ڪنهن سان ذاتي يا قبائلي جهيڙو ناهي سنڌ جي زمينن تي والار خلاف جدوجهد ڪرڻ آهي هنن چيو ته ملير ۾ زمينن تي ٿيندڙ غيرقانوني قبضي خلاف قانوني ۽ سياسي سطح تي 15 ورهين کان ميدان عمل ۾ آهيون

پريس ڪانفرنس ۾ اڳواڻن جو چوڻ هو ته ان جدوجهد دوران الائنس جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي نه صرف حملا ٿيا، پر ڪوڙا ڪيس به داخل ڪيا ويا، پر اهي عمل سندن عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف اڳئين مرحلي ۾ قانوني ڪميٽي ڪاظم مهيسر، ايڊووڪيٽ ابيرہ اشفاق ۽ سجاد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ 22 اي تحت ڪيس داخل ڪرايو ويندو جڏهن ته 8 آگسٽ جمعي ڏينهن ڪاٺوڙ ۾ احتجاجي ريلي پڻ منعقد ڪئي ويندي.

آگسٽ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو