ٺٽو: اسسٽنٽ اسماعيل پليجو جي رٽائرمينٽ تي ايوانِ صحافت ۾ شاندار الوداعي تقريب، شخصيتن پاران ڀيٽا پيش
ٺٽو:( رپورٽ: نظير احمد قريشي) ايس ايس پي آفيس جي اسسٽنٽ اسماعيل پليجو جي رٽائرمينٽ تي ايوانِ صحافت ۾ شاندار تقريب، شخصيتن پاران ڀيٽا پيش
ضلعي ٺٽو جي ايس ايس پي آفيس ۾ ڊگهي عرصي تائين ايمانداري سان فرض نڀائيندڙ اسسٽنٽ محمد اسماعيل پليجو جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي ايوانِ صحافت ٺٽو ۾ هڪ پروقار ۽ خوبصورت الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صحافين سميت مختلف سماجي، علمي، ادبي ۽ انتظامي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب جي صدارت ايوانِ صحافت جي سرپرستِ اعلى نظير احمد قريشي ڪئي، جڏهن ته صدر اڪبر دلواڻي، نثار گندرو، انيس هلايو، ارشاد گندرو، اختر بروهي، شهريار صديقي، حاجن نوتيار، لالا شعيب پٺاڻ، حيدر شورو، شير علي شاهه، حيدر ڀٽي، محمد موسا سبز پوش، شفيق احمد عابداڻي، صابرا قريشي، زاهد شيخ، شاهزيب شيخ، علي محمد درس سميت ڪيترن ئي معزز مهمانن شرڪت ڪئي.
تقريب دوران محمد اسماعيل پليجو جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ کيس پنهنجي ڊيوٽي دوران ايمانداري، فرض شناسي ۽ شائسته روين تي ساراهيو ويو. تقريب ۾ مهمانن پاران سندس نيڪ تمنائن سان گڏ مستقبل لاءِ ڪاميابين جي دعائن سان کيس ساراهيو ويو ، محمد اسماعيل پليجو پاران سڀني مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو چائين ته الله پاڪ جي مهرباني سان عزت سان محبت سان پنهنجي نوڪري جا سال پورا ڪيا سين ، آخر ۾ رٽائرمينٽ جي خوشي جي موقعي تي گڏيل خوشيءَ طور ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. تقريب جو ماحول سهڻو، جذباتي ۽ يادگار رهيو.
آگسٽ 3, 2025