دادو: ريٽائرڊ ميونسپل ملازم محمد رفيق پکالي ٺڳي جو شڪار، سنڌ بئنڪ دادو مان پگهار ڪڍرائي نڪتو ته ٺڳ پيڇو ڪري نيو چوڪ تي رقم ھڙپي ورتي،

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرورجلال سولنگي) دادو شهر ۾ ٺڳن جي سرگرمين جو سلسلو جاري، سنڌ بئنڪ دادو مان پگهار ڪڍرائي نڪرندڙ ريٽائرڊ ميونسپل ملازم پيرسن محمد رفيق پکالي جا 23 هزار رپيا ٺڳ ٺڳي ڪري  وي، ٺڳيءَ جو شڪار ٿيل رفيق پکالي دادو پريس ڪلب اچي دانهيون ته هو سنڌ بئنڪ مان پينشن ڪڍرائڻ بعد نڪرندي ئي نيو چوڪ تي پهتس ته هڪ شخص جي ور چڙهي ويو،

جنهن کيس چيو ته “توکي بئنڪ ۾ ڏٺو، تنهنجي هٿ ۾ وڏا نوٽ آهن، اهي جلد بند ٿيڻ وارا آهن، مان توکي انهن سان مٽائي ڏيڻ ٿو چاهيان کيس پيسا ڏيکاريا، جن مان بشني 5000 هزارن جا نوٽ ۽ ڪجهه ٻيا نوٽ هٿ جي صفائي سان کڻي فرار ٿي ويو رفيق پکالي ميڊيا سان ڳالهائيندي دانهن ڏني ته، مان 1970 کان وٺي دادو شهر جي خدمت ڪندو آيس، هاڻي پوڙهو ٿي مسڪيني ۾ گذاري رهيو آهيان،

اهڙي ٺڳي سان مهيني جي گذر سفر به مشڪل ٿي ويو آهي. هن ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪئي ته بئنڪ ٻاهران لڳل سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي جوابدارن کي گرفتار ڪري، سندس رقم واپس ڪرائي وڃي ۽ ٻين شهرين کي به خبردار ڪيو وڃي ته اهڙن ٺڳن کان هوشيار رهن،

آگسٽ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو