سکر: کنڊ جي وڌندڙ قيمتن تي حاجي شريف دادا جو اظهارِ تشويش، وزيراعظم پاران ذخيرو اندوزي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) مشهور سماجي اڳواڻ حاجي شريف دادا چيو آهي ته صوبي حڪومتون کنڊ جون آسمان سان ڳالهائيندڙ قيمتون ۽ ذخيرو اندوزي کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويون آهن. هن چيو ته روزمرهه استعمال جي شين خاص طور تي کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ذخيرو اندوزي خلاف عملي قدم کڻڻ صوبائي حڪومتن جي پهرين ذميواري آهي، پر ان سلسلي ۾ ڪا به جامع حڪمت عملي نظر نٿي اچي.

ذريعن موجب وزير اعظم پاڪستان محمد شهباز شريف کنڊ جي وڌندڙ قيمتن تي سخت ناخوشي جو اظهار ڪندي کنڊ مافيا جي منفي سرگرمين جو سخت نوٽيس ورتو آهي. وزير اعظم مصنوعي مهانگائي ۽ ذخيرو اندوزي تي قابو پائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي فوري طور تي مضبوط ۽ اثرائتا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزير اعظم چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ مصنوعي واڌ ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي،

عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن. هن لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته کنڊ جا اگهه مستحڪم رکڻ ۽ ذخيرو اندوزن خلاف ڪ ڪرڻ لاءِ نگراني جو مؤثر نظام جوڙيو وڃي.حاجي شريف دادا چيو ته کنڊ جي قيمتن ۾ لڳاتار واڌ عوام جي ڪمر ڀڃي ڇڏي آهي. هن مطالبو ڪيو ته وزير اعظم جي هدايتن تحت انتظاميا فوري طور تي گودامن ۽ مارڪيٽن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪري ذخيرو ڪيل کنڊ مارڪيٽ ۾ آڻي ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي ۽ ساڳئي وقت کنڊ مافيا خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

آگسٽ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو