سڪرنڊ: زميني تڪرار تان هڪ ئي ماءُ جا ٽي پُٽ قتل، تنظيم آرائيان پاران احتجاجي گڏجاڻي ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو

Spread the love

سڪرنڊ ( رپورٽ : راج ڪماراوڏ) زميني تڪرار تان هڪ ئي ماءُ جا  ھڪ ٻئي پٺيان 3 ٽي ڳڀرو پُٽَ پڊ عيدن جي ڳوٺ امير علي آرائين ۾ شهيد ڪرڻ خلاف تنظيم آرائيان پاڪستان سڪرنڊ پاران آرائين هائوس سڪرنڊ تي تعلقه صدر اشتياق احمد آرائين جي صدارت ۾ احتجاجي گڏجاڻي گهرائي وئي جنهن ۾ تنظيم آرائيان جي عهديدارن ۽ برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي

ان موقعي تي تعلقه صدر اشتياق احمد آرائين ڳالهائيندي چيو ته اسان جي برادري جي نوجوان رمضان عرف جاني آرائين کي بروهي برادري پاران بنا جواز قتل ڪيو ويو آهي جنهن جو ڏوھ صرف اهو هو جو هُو پنهنجي ٻن شهيد ( مقتول ) ڀائرن ذوالفقار علي آرائين ۽ اصغر علي آرائين جي قتل جو عدالت ۾ قاتلن خلاف انصاف لاءِ ڪيس وڙهي رهيو هو ته مبينه طور ساڳين قاتلن ٻنيءَ تي ستل جاني آرائين کي به قتل ڪري ڇڏيو ته جيئن ڪو سندن خلاف داخل قتل جي ڪيس جي پوئواري نه ڪري سگهي هن چيو افسوس جو هڪ ٻئي پٺيان ٽي ڀائر قتل ڪيا ويا آهن

پر ڪو داد فرياد ناهي ان ڪري اسين اڄوڪي گڏجاڻي ۾ چتاءُ ٿا ڏيون ته جيڪڏھن قاتل گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽُهڙي ۾ آڻي هڪ ماءُ سان انصاف نه ڪيو ويو ته احتجاج جي دائري کي وڌايو ويندو جيڪو قاتلن جي گرفتاري تائين جاري رهندو گڏجاڻي دوران قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف لاءِ نعري بازي پڻ ڪئي وئي ان موقعي تي جميل آرائين ، عبدالصمد آرائين ، حنيف آرائين ، امداد آرائين ، اختر آرائين ۽ آصف علي آرائين پڻ شريڪ هئا

آگسٽ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو