ايراني صدر اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پاڪستان پهچي ويو، واپاري لاڳاپا وڌائڻ جو عزم

Spread the love

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران صدر مسعود پزشڪيان پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو.
سندس دوري جو مقصد پاڪستان سان سالياني ٻه طرفي واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو عزم ورجائڻ آهي.
معزز مهمانن جي اسلام آباد آمد تي وزيراعظم شهباز شريف ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي، ايراني صدر جي استقبال لاءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ٻيون اختياريون به موجود هيون.
مسعود پزشڪيان کي ريڊ ڪارپيٽ آجيان سان گڏ 21 توپن جي سلامي به پيش ڪئي وئي.
هوڏانهن ايراني صدر پنهنجي پهرئين پاڪستان جي دوري تي لاهور پهتو، جتي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سندس آجيان ڪئي، هن اوڀر جي شاعر علامه محمد اقبال جي مزار تي حاضري ڀري.

آگسٽ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو