سيوهڻ ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو جشن، پ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن جو خطاب

Spread the love

سيوهڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي )سيوهڻ شريف ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي  عهديدارن ۽ ڪارڪنن طرفان جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو  جي 35 هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ان موقعي تي پ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻن لالا رستم ڀٽ، حبيب الله ڀٽو، لالا حسنين بلوچ، امين برهماڻي، محمد يوسف کوسو، جبار ٻڙرو،

شعيب پنهور ۽  لعل محمد ملاح  سالگره جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو خواب  پورو ڪرڻ لاء ڀٽو خاندان جو روشن ستارو جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو عوامي طاقت سان ميدان تي نڪري چڪو آھي،  هاڻي عوام جو حقيقي ليڊر ۽ وارث جيڪو پروگرام کڻي آيو آھي

ان ۾ ئي ملڪ ۽ ڌرتي جي عوام جي ڪاميابي آھي، زرداري ۽ سندس ساٿارين ته 17 سالن جي دورِ حڪومت ۾ عوام کي پنڻ تي مجبور ڪيو آھي،  عوام کي گھرجي ته پاڻ ۾ گڏ ٿي هڪ طاقت بڻجي محبوب ليڊر نوجوان قيادت جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جو ساٿ ڏيئي سندس هٿ مضبوط ڪن.

آگسٽ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو