اي ايڇ ينگ ورلڊ اڪيڊمي وفد جو بي نظير ڀٽو هيومن ريسرچ ڊولپمينٽ بورڊ جي اسٽال تي دورو، وڌيڪ فني ٽريننگ جي عزم جو اظهار
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي) اي ايڇ ينگ ورلڊ اڪيڊمي جي سي اي او عرفان عباسي جو وفد سميت ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ بي نظير ڀٽو شهيد هيومن ريسرچ ڊولپمينٽ بورڊ جي اسٽال جو دورو، بورڊ جي اسٽنٽ ڊائريڪٽر جهانزيب ڪمال ايڪسپو سينٽر ۾ وفد جو استقبال ڪيو تفصيل موجب : ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ شهيد بي نظير ڀٽو هيومن ريسرچ ڊولپمينٽ بورڊ تي اي ايڇ ينگ ورلڊ اڪيڊمي انسٽيٽيوٽ ملير ڪراچي جي سي اي او عرفان عباسي ايڪسپو سينٽر ۾ لڳل اسٽالن جو دورو ڪيو
ان موقعي تي BBSHRRDB جي ڊائريڪٽر جهانزيب ڪمال پروگرام آفيسر محمد اشرف صاحب استقبال ڪيو جهانزيب ڪمال پنهجي بريفنگ ۾ چيو ته اي ايڇ ينگ ورلڊ اڪيڊمي ملير بن قاسم عرفان عباسي اسان جي اداري جو پراڻو پارٽنر آهي اي ايڇ ينگ ورلڊ اڪيڊمي اسان جي اداري سان پارٽنرشپ ۾ ملير ۾ سوين شاگردن شاگردياڻين کي ٽريننگ ڏئي چڪو آهي
عرفان عباسي پنهنجي بريفنگ ۾ چيو ته شهيد بي نظير ڀٽو جي نالي سان هي ادارو پنهجو پاڻ مڃائي چڪو آهي عرفان عباسي چيو ته انشالله هن اداري جي تحت وڌيڪ شاگردن کي فني ٽريننگ ڏني ويندي وفد ۾ عرفان عباسي سان سندس ٽيم ۾ سيد شبير احمد شاهه عبدالرسول بلالي شاهد عمراڻي شامل هيا
آگسٽ 2, 2025